سنڌ فوڊ اٿارٽي آپريشن ونگ جي باءِ پاس حيدرآباد وٽ ڪارروائي، 25 مڻ کان وڌيڪ گوشت ضبط

 حيدرآباد 3 آڪٽوبر ( اي پي پي)سنڌ فوڊ اٿارٽي آپريشن ونگ قومي شاهراهه باءِ پاس حيدرآباد وٽ ڪارروائي ڪندي 25 مڻ کان وڌيڪ گوشت ضبط ڪري ڇڏيو،  اهوگوشت نجي سلاٽر هائوس کان ڪراچي وڪري لاءِ موڪليو پئي ويو. ڊپٽي ڊائريڪٽر آپريشن ڊاڪٽر اسد جهانگير مُوجب گوشت تي سرڪاري سلاٽر هائوس جون مهرون پڻ لڳل هيون پر ميٽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ موجود نه هو. هن ٻڌايو ته صحت لاءِ هاڃيڪار ايس او …

 حيدرآباد 3 آڪٽوبر ( اي پي پي)سنڌ فوڊ اٿارٽي آپريشن ونگ قومي شاهراهه باءِ پاس حيدرآباد وٽ ڪارروائي ڪندي 25 مڻ کان وڌيڪ گوشت ضبط ڪري ڇڏيو،  اهوگوشت نجي سلاٽر هائوس کان ڪراچي وڪري لاءِ موڪليو پئي ويو. ڊپٽي ڊائريڪٽر آپريشن ڊاڪٽر اسد جهانگير مُوجب گوشت تي سرڪاري سلاٽر هائوس جون مهرون پڻ لڳل هيون پر ميٽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ موجود نه هو. هن ٻڌايو ته صحت لاءِ هاڃيڪار ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندي مختلف جانورن جو گوشت گڏ رکيو ويو هو جڏهن ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم کي ڪارروائي دوران مزاحمت کي به منهن ڏيڻو پيو، ان دوران پوليس  هڪ شخص کي  پڻ حراست ۾ ورتو، ڊاڪٽراسد جهانگير وڌيڪ ٻڌايو ته گوشت جا نمونا ليب ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويندا ۽ ضبط ڪيل گوشت کي تلف ڪيو ويندو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حفظان صحت جي قانون تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن عوام کي معياري ۽ محفوظ کاڌ خوراڪ واريون شيون مهيا ڪري سگهجن.