ماسڪو- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) روس چيو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ ايران تي پابندين جي قراداد جي بحالي جي معاملي ۾ پنهنجون حدون پار ڪيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريازاخارووا گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ تي الزام لڳايو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ جلد بازي ۾ ايران جي حوالي سان بحال ڪيل قرادادن بابت پنهنجي ويب سائيٽ تي هڪ بيان …
گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ ايران تي پابندين جي ٺهراءَ جي بحالي جي معاملي ۾ پنهنجون حدون پار ڪيون: روس

مزید خبریں
ماسڪو- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) روس چيو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ ايران تي پابندين جي قراداد جي بحالي جي معاملي ۾ پنهنجون حدون پار ڪيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريازاخارووا گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ تي الزام لڳايو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ جلد بازي ۾ ايران جي حوالي سان بحال ڪيل قرادادن بابت پنهنجي ويب سائيٽ تي هڪ بيان جاري ڪيو ، جيڪو پنهنجي مينڊيٽ ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي ۽ اهو اولهه جي تعصب جي عڪاسي ڪري ٿو. هن زور ڀريو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سيڪريٽريٽ کي ان قسم جي حساس معاملن تي راءِ ڏيڻ جو اختيار ناهي ڏنو، ڇو ته اهو مڪمل طور تي سلامتي ڪائونسل جي اختيار ۾ اچي ٿو . هن چيو ته اها ڪارروائي اولهه جي وسيع پروپيگنڊه مهم جو حصو آهي ،جنهن ۾ اهم اولهه جي ميڊيا هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي ايران تي گڏيل قومن جون پابنديون بحال ڪرڻ جو نظريو زور شور سان پيش ڪري رهي آهي جيڪي گڏيل جامع ڪارروائي منصوبو (جي سي پي او اي ) تحت ختم ڪيون ويون هيون. هن چيو ته اولهه جي پروپيگنڊه جي نظر ۾ عالمي سطح جي ناظرين کي اهو غلط تاثر ڏنو پيو وڃي ته 2015ع تائين لاڳو رهندڙ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پابندي جي قرارداد ٻيهر موثر ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته برطانيه، جرمني، فرانس ۽ آمريڪا جيڪي پابندين جي حق ۾ آهن انهن کي ايران جي، جي سي پي او اي ۾ وعدن جي ڀڃڪڙي جي الزام تي سلامتي ڪائونسل ۾ هڪ قرارداد جي ناڪامي ذريعي پراڻيون پابنديون بحال ڪرڻ جي بنياد طور پيش ڪيو پيو وڃي . ترجمان چيو ته اولهه جي ميڊيا ان معاملي تي ” حقيقي هسٽريا جي حالت ۾ آهي “ جيڪا ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته ان جي پوزيشن ۾ قانوني ٽڪراءُ ۽ طريقڪار جون خاميون آهن.











