حيدرآباد -02آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ جي راندين واري کاتي ۽ سنڌ باڪسنگ ايسوسيئيشن جي سهڪار سان منعقد پهرين سنڌ ٽيلينٽ هنٽ سمر وومين باڪسنگ ڪوچنگ اينڊ ٽريننگ ڪيمپ 2025ع يوٿ هاسٽل نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. ٽن ڏينهن واري ڪيمپ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن جي 100 کان وڌيڪ عورت باڪسرن شرڪت ڪئي. ڪيمپ دوران انٽرنيشنل ڪوچز ۽ ٽيڪينڪل ماهرن جي نگراني ۾ شرڪت ڪندڙن جديد …
پهرين سنڌ ٽيلينٽ هنٽ سمر وومين باڪسنگ ڪوچنگ اينڊ ٽريننگ ڪيمپ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي
حيدرآباد -02آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ جي راندين واري کاتي ۽ سنڌ باڪسنگ ايسوسيئيشن جي سهڪار سان منعقد پهرين سنڌ ٽيلينٽ هنٽ سمر وومين باڪسنگ ڪوچنگ اينڊ ٽريننگ ڪيمپ 2025ع يوٿ هاسٽل نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. ٽن ڏينهن واري ڪيمپ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن جي 100 کان وڌيڪ عورت باڪسرن شرڪت ڪئي. ڪيمپ دوران انٽرنيشنل ڪوچز ۽ ٽيڪينڪل ماهرن جي نگراني ۾ شرڪت ڪندڙن جديد ڪوچنگ ٽيڪنڪ، فٽنيس ٽريننگ، دفاعي ۽ باڪسنگ جي جديد تربيت فراهم ڪئي جڏهن ته هر ڏينهن خصوصي ورڪشاپس ۽ پريڪٽس سيشن پڻ منعقد ڪيا ويندا هئا. پڄاڻي تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر حيدرآباد مريم ڪيريو، صدر سنڌ باڪسنگ ايسوسيئيشن امير اصغر بلوچ، سيڪريٽري حيدرآباد ڊويزن اولمپمنگ ڪميٽي پرويز احمد شيخ سميت ٻين اسپورٽس جي عهديدارن شرڪت ڪئي ۽ رانديگرن جي جذبي کي ساراهيو. پڄاڻي تقريب جو خاص مهمان سنڌ باڪسنگ ايسوسيئيشن جو صدر اصغر بلوچ هو جنهن ليڊي باڪسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته اهڙي طرح جا پروگرام عورت رانديگرن لاءِ راندين ۾ اڳيان وڌڻ ۽ پنهنجين صلاحيتن کي مڃرائڻ جو بهترين ذريعو فراهم ڪن ٿا. تقريب جي آخر ۾ رانديگرياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. ان موقعي تي حيدرآباد ڊويزن باڪسنگ ايسوسيئيشن جو صدر سردار عطا بلوچ، سيڪريٽري محمد سليم، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو ڊائريڪٽر اسپورٽس، باڪسر رستم بلوچ، عبدالوحيد درويش ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.












