گڏيل قومون-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جاري تباهي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي گذريل مهيني سلامتي ڪائونسل ۾ جنگ بندي ۽ انساني امداد بابت ٺهراءَ تي آمريڪا جي ويٽو کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته لکين بي گناهه انسانن کي سندن المناڪ مقدر جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب …
سلامتي ڪائونسل ۾ جنگ بندي ۽ انساني امداد بابت ٺهراءَ تي آمريڪا جو ويٽو افسوناڪ، غزه ۾ تباهي جي صورتحال آهي: پاڪستان

مزید خبریں
گڏيل قومون-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جاري تباهي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي گذريل مهيني سلامتي ڪائونسل ۾ جنگ بندي ۽ انساني امداد بابت ٺهراءَ تي آمريڪا جي ويٽو کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته لکين بي گناهه انسانن کي سندن المناڪ مقدر جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هاڻي امن کي وڌيڪ ملتوي نٿو ڪري سگهجي. عاصم افتخار احمد چيو ته آمريڪا جو ويٽو لکين بي گناهه انسانن کي انهن جي المناڪ مقدر جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. هن ڊينمارڪ طرفان پيش ڪيل ان قرارداد کي ساراهيو جيڪا اسلامتي ڪائونسل جي 10 چونڊيل ميمبرن جي نمائندگي ۾ پيش ڪئي وئي هئي جن ۾ پاڪستان، الجزائر، يونان، گويانا، پاناما، ڏکڻ ڪوريا، سيراليون، سلووينيا، صوماليه ۽ ڊينمارڪ شامل آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته غزه تباهه ٿي چڪو آهي، اسرائيل جي جارحاڻين ڪاررواين غزه کي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ خاندان ڍير هيٺان پنهنجي ٻارن جي ڳولا ۾ بي وس آهن، بک هر هنڌ لامارا ڏئي رهي آهي. ڏڪار غزه سميت سڄي علائقي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺڻ تي آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت تائين 66،000 کان وڌيڪ فلسطيني جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي، شهيد ٿي چڪا آهن، غزه ۾ اسپتالن، اسڪولن ۽ رهائشي علائقن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايا ويا آهن. هن واضح ڪيو ته هيءَ جنگ نه پر هڪ قوم جي مستقبل کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ قابض طاقت اسرائيل کي مڪمل طور تي جوابده بڻائڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي ان موقعي تي ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي ته عالمي برادري طرفان فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ جا آواز تيز ٿي چڪا آهن ۽ هاڻوڪن ڏينهن ۾ ٻه رياستي حل تي ٻڌل امن ڪانفرنسز ۽ مشاورت اميد جو ڪرڻو ثابت ٿي سگهن ٿيون. غزه ۾ تباهي جي وچ ۾ ضمير جا آواز بلند ٿي رهيا آهن. سفير عاصم افتخار احمد آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پيش ڪيل امن منصوبي کي به ڌيان جوڳو قرار ڏنو جنهن کي عرب ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ڪيترن ئي اهم ملڪن جي حمايت حاصل آهي. گڏيل بيان ۾ اردن، يو اي اي، انڊونيشيا، پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، قطر ۽ مصر ان منصوبي جي آجيان ڪئي. پاڪستاني نمائندي پڄاڻي تي چيو ته فلسطيني قوم پنهنجي مقدر جي پاڻ مالڪ آهي ۽ ان مقدر جو مطلب آزادي آهي. هن چيو ته پاڪستان هميشه فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل رهندو. اسان انصاف جي گهرجائن جو ساٿ ڏينداسين ۽ امن جي خواهشمند سمورين ڌرين سان تعاون جاري رکنداسين.











