اسرائيل طرفان غزه ۾ فلوٽيلا کي روڪڻ کانپوءِ ڪولمبيا جو اسرائيل سان آزاد واپار جو معاهدو معطل، اسرائيل جا سفارتڪار ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان

بگوٽا-02 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪولمبيا جي صدر گسٽاو پيٽرو اسرائيلي بحريه طرفان غزه جي فلوٽيلا کي روڪڻ کانپوءِ ملڪ ۾ موجود سمورن اسرائيلي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ ۽ اسرائيل سان آزاد واپار جو معاهدو معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب صدر گسٽاو پيٽرو جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي بحريه طرفان پڪڙيل ٻيڙين تي ڪولمبيا جا ٻه شهري …

بگوٽا-02 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪولمبيا جي صدر گسٽاو پيٽرو اسرائيلي بحريه طرفان غزه جي فلوٽيلا کي روڪڻ کانپوءِ ملڪ ۾ موجود سمورن اسرائيلي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ ۽ اسرائيل سان آزاد واپار جو معاهدو معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب صدر گسٽاو پيٽرو جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي بحريه طرفان پڪڙيل ٻيڙين تي ڪولمبيا جا ٻه شهري به سوار آهن. بيان ۾ ٻنهي جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ڪولمبيا جي صدر طرفان ايڪس تي جاري پيغام ۾ چيو ويو آهي ته ڪولمبيا جو عوام فلسطين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ انساني همدردي جي سرگرمين ۾ مصروف هو، هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل سان آزاد واپاري معاهدو به معطل ڪيو پيو وڃي. گذريل مهيني غزه لاءِ امداد کڻي اسپين مان روانو ٿيل ان فلوٽيلا ۾ 40 کان وڌيڪ ملڪن جا شهري شامل هئا جن کي اسرائيل طرفان حراست ۾ ورتو ويو آهي، غزه فلوٽيلا کي روڪڻ جي اسرائيلي قدمن جي عالمي سطح تي مذمت ڪئي وئي آهي ۽ ان تي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسرائيل خلاف احتجاج به ڪيا پيا وڃن.

مزید خبریں