ڪراچي-01 آڪٽوبر (اي پي پي) چيني قونصل جنرل يانگ يي ندونگ، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ملاقات ڪئي.گورنر هائوس جي ترجمان موجب قونصل جنرل چيو ته چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي رکن ٿيون. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي تي پڻ بحث ڪيو ويو. ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر ۽ چيني قونصل جنرل سيڙپڪاري وڌائڻ تي به اتفاق …
چيني قونصل جنرل جي سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ملاقات
ڪراچي-01 آڪٽوبر (اي پي پي) چيني قونصل جنرل يانگ يي ندونگ، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ملاقات ڪئي.گورنر هائوس جي ترجمان موجب قونصل جنرل چيو ته چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي رکن ٿيون. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي تي پڻ بحث ڪيو ويو. ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر ۽ چيني قونصل جنرل سيڙپڪاري وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ۽ سنڌ ۾ چيني سيڙپڪاري لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. گورنر چيو ته پاڪ چين تعاون مقامي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.












