ڪراچي-01 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ترقياتي منصوبن کي ورجائڻ کان بچڻ لاءِ هڪ جديد ڊيٽا سينٽر قائم ڪري ڇڏيو آهي، جتي مصنوعي ذهانت ذريعي منصوبن جي اثرائتي نگراني ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ مستقبل جي تعليمي منصوبن لاءِ ايڪشن پلان تي …
ترقياتي منصوبن کي ورجائڻ کان بچڻ لاءِ هڪ جديد ڊيٽا سينٽر قائم ڪري ڇڏيو آهي: صوبائي وزير ڄام خان شورو
ڪراچي-01 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ترقياتي منصوبن کي ورجائڻ کان بچڻ لاءِ هڪ جديد ڊيٽا سينٽر قائم ڪري ڇڏيو آهي، جتي مصنوعي ذهانت ذريعي منصوبن جي اثرائتي نگراني ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ مستقبل جي تعليمي منصوبن لاءِ ايڪشن پلان تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي صوبائي وزير تعليمي منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي منصوبن لاءِ وڌيڪ سڌارن تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي ته جيئن تعليم جي شعبي ۾ بهتري آڻي سگهجي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته منصوبابندي وارو وزير هر تعليمي شعبي سان الڳ الڳ ملاقات ڪندو ۽ منصوبن جو تفصيل سان جائزو وٺندو. اجلاس ۾ چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم احمد شاهه، سيڪريٽري تعليم زاهد عباسي ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.












