حيدرآباد-01آڪٽوبر (اي پي پي) نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس مبينه مقابلي کان پوءِ ٻن مبينه ڦورن نويد ماڇي ۽ حبيب ماڇي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جو هڪ ساٿي عبدالغفور اونداهي جو فائدو وٺي فرار ويو. ايس ايس پي حيدرآباد جي ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدارن جي قبضي مان 2 عدد ٽي ٽي پستول، موبائيل فون ۽ ڦليلي ٿاڻي …
نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس پاران مبينه مقابلو، 02 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار
حيدرآباد-01آڪٽوبر (اي پي پي) نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس مبينه مقابلي کان پوءِ ٻن مبينه ڦورن نويد ماڇي ۽ حبيب ماڇي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جو هڪ ساٿي عبدالغفور اونداهي جو فائدو وٺي فرار ويو. ايس ايس پي حيدرآباد جي ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدارن جي قبضي مان 2 عدد ٽي ٽي پستول، موبائيل فون ۽ ڦليلي ٿاڻي جي حد مان ڦر ڪيل هڪ موٽر سائيڪل هٿ آئي آهي.گرفتار ٿيل ۽ فرار ٿي ويل ڦورو 20 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ ملوث آهن .پوليس موجب زخمي جوابدارن کي علاج لاءِ اسپتال ڀيڙو ڪيو ويو آهي. جن شروعاتي پڇا ڳاڇا دوران ڪيترين ئي وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي، جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.












