ڪراچي-30 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي مستحڪم ۽ وافر فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن اٽي ۽ ماني جي اگھن ۾ استحڪام برقرار رهي. هن نشاندهي ڪئي ته هن وقت سنڌ ۾ 12 لک ٽن ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن، جڏهن ته نجي شعبي وٽ به وڌيڪ 6 لک ٽن ڪڻڪ …
سنڌ حڪومت مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي مستحڪم ۽ وافر فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-30 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي مستحڪم ۽ وافر فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن اٽي ۽ ماني جي اگھن ۾ استحڪام برقرار رهي. هن نشاندهي ڪئي ته هن وقت سنڌ ۾ 12 لک ٽن ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن، جڏهن ته نجي شعبي وٽ به وڌيڪ 6 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي. اهڙو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ ڪڻڪ رليز پاليسي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي مستحڪم فراهمي کي يقيني بڻائيندي ته جيئن اٽي ۽ ماني جون قيمتون ڪنٽرول ۾ رهن. خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب مطابق اهي ذخيرا ايندڙ ساڍا چار مهينن لاءِ ڪافي آهن جنهن دوران نئون فصل مارڪيٽ ۾ اچي ويندو. وڏي وزير، خوراڪ واري صوبائي وزير کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ رليز پاليسي جو مسودو تيار ڪري منظوري لاءِ پيش ڪيو وڃي. هن چيو مان چاهيان ٿو ته هن هفتي اندر ئي ڪڻڪ رليز پاليسي کي حتمي شڪل ڏجي ۽ قيمت به مقرر ڪئي وڃي. صوبائي وزير مخدوم محبوب اجلاس کي آگاهي ڏني ته عام طور هر مهيني اٽڪل 2 لک 50 هزار ٽن ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ جاري ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته نئين پاليسي لاءِ هو پنهنجون سفارشون وڏي وزير کي منظوري لاءِ پيش ڪندو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پيداوار ۾ اضافي لاءِ حڪومت 25 ايڪڙ يا ان کان گهٽ زمين رکندڙ آبادگارن جي مدد ڪري رهي آهي. مراد علي شاهه چيو اسان انهن آبادگارن کي هڪ بيگ ڊي اي پي ۽ ٻه بيگ يوريا ڀاڻ فراهم ڪري رهيا آهيون ۽ وڌيڪ چيو مان سپورٽ پرائس مقرر ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيئن ڪڻڪ جي بهتر فصل کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ صوبائي وزير محمد بخش مهر، مخدوم محبوب الزمان، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين ايس بي آر واسع ميمڻ، سيڪريٽري زراعت زمان ناريجو، سيڪريٽري خوراڪ بچل راهپوٽو، اسپيشل سيڪريٽري ناڻو اصغر ميمڻ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.












