ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) بلديات ۽ هائوسنگ ٽائون پلاننگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته شهر جي انفرا اسٽرڪچر جي فوري بحالي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن بلديات کاتي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ سڀني بلدياتي ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ …
ڪراچي سميت سڄي صوبي جي انفرا اسٽرڪچر جي فوري بحالي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه
ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) بلديات ۽ هائوسنگ ٽائون پلاننگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته شهر جي انفرا اسٽرڪچر جي فوري بحالي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن بلديات کاتي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ سڀني بلدياتي ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن مطابق عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. هن شهر ۾ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين زبون حال عمارتن جي فهرست طلب ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ هن ماهرن تي ٻڌل هڪ ٽيڪنيڪل ڪميٽي ٺاهڻ جو به حڪم ڏنو ته جيئن شهر جي انفرا اسٽرڪچر جي بهتري لاءِ اثرائتا منصوبا تيار ٿي سگهن. صوبائي وزير واٽر ڪارپوريشن جي آفيسرن کي هدايت ڏيندي چيو ته پاڻي ۽ نيڪال جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن ته جيئن شهرين کي سهولت ملي سگهي. هن چيو ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ چيئرمين بلاول ڀٽو جو ويزن ۽ اسان جو مشن آهي. تنهن ڪري سڀني جاري ترقياتي اسڪيمز کي مڪمل ڪري شهر جي انفرا اسٽرڪچر کي بهتر بڻايو وڃي. ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي سان گڏ سڄي صوبي جو انفرا اسٽرڪچر بهتر ڪيو ويندو.












