ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار پاڪستان جي پھرين حڪومتي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ ۽ اي وي ٽيڪسي لانچ ڪرڻ جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون آھن، سنڌ سرڪار پاران هن سال ڊسمبر تائين اي وي ٽيڪسين متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اهڙو اظهار هن ھڪ اھم اجلاس جي صدارت …
سنڌ حُڪومت پاران پھرين حڪومتي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ ۽ اي وي ٽيڪسي لانچ ڪرڻ جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون
ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار پاڪستان جي پھرين حڪومتي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ ۽ اي وي ٽيڪسي لانچ ڪرڻ جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون آھن، سنڌ سرڪار پاران هن سال ڊسمبر تائين اي وي ٽيڪسين متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اهڙو اظهار هن ھڪ اھم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي صوبي ۾ جاري ٽرانسپورٽ جي رٿائن بات تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار پاڪستان ۾ پھرئين ڀيري پنھنجي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ وڃي رھي آھي ۽ سنڌ سرڪار جي ڪوشش آھي تھ ڊسمبر 2025 تائين اي وي ٽيڪسي سروس عوام کي فراھم ڪئي وڃي. ھن چيو تھ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ھن منصوبي ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو ۽ چاھي ٿو تھ عوام کي جديد، ماحول دوست ۽ معياري سفري سھولتون ملي سگھن، شروعاتي مرحلي ۾ ايندڙ اي وي ٽيڪسين مان عورتن جي لاءِ ٽيڪسيون مخصوص ڪيون وينديون. سندس چوڻ ھو تھ سنڌ سرڪار پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو ماحول دوست اي وي بسون ۽ خطي ۾ پھريون ڀيرو عورتن جي لاءِ مخصوص پنڪ بس سروس متعارف ڪرائي، عورتن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ پنڪ اسڪوٽي کي بھ عوامي سطح تي وڏي پذيرائي ملي آھي، ھاڻي عورتن جي لاءِ مخصوص پنڪ اي وي ٽيڪسي سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت ملڪ ۾ پھرين اي وي ٽيڪسي بھ شروع ڪرڻ وڃي رھي آھي. هن چيو تھ ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلن کي گھٽائڻ لاءِ ڊبل ديڪر بسون ۽ وڌيڪ اي وي بسون بھ جلد شامل ڪيون وينديون، اي وي گاڏين لاءِ انفرا اسٽرڪچر ۽ چارجنگ اسٽيشنز جي تياري تي بھ ڪم جاري آھي تھ جيئن منصوبو جٽادار ۽ ڪامياب ثابت ٿئي. ھن چيو تھ عورتن کي محفوظ ۽ سستي سفري سھولت فراھم ڪرڻ سنڌ سرڪار جو عزم آھي، عالمي سيڙپڪارن لاءِ ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ وسيع موقعا موجود آھن، سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪارن کي ھر ممڪن سھڪار مھيا ڪندي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪنول نظام ڀٽو ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.












