ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني، گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل ڊاڪٽر بخيت عتيق علي اليان الميتھي سان ڪراچي ۾ متحده عرب امارات جي قونصليٽ ۾ ملاقات ڪئي. صوبائي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ ٻه طرفي تعاون جي واڌ ويجھه، مزدورن جي ڀلائي، عوام …
صوبائي وزير سعيد غني سان گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل جي ملاقات
ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني، گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل ڊاڪٽر بخيت عتيق علي اليان الميتھي سان ڪراچي ۾ متحده عرب امارات جي قونصليٽ ۾ ملاقات ڪئي. صوبائي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ ٻه طرفي تعاون جي واڌ ويجھه، مزدورن جي ڀلائي، عوام سان عوام ۽ حڪومت سان حڪومت جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سميت گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيو ۽ مختلف شعبن ۾ متحده عرب امارات طرفان پاڪستان سان جاري تعاون تي شڪريو ادا ڪيو. جڏهن ته متحده عرب امارات جي قونصل جنرل به مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ مزدورن جي ڀلائي، انساني وسيلن جي ترقي ۽ سماجي تحفظ جي قدمن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ لاءِ متحده عرب امارات جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنھي ملڪن جي فائدن لاءِ ڀائيواريءَ جون نيون راهون ڳولهڻ ۽ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.












