ڪراچي-26 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، بدين ضلعي سان تعلق رکندڙ ايم پي اي محمد اسماعيل راهو کي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مُختلف وزيرن جي کاتن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ اسماعيل راهو کي سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گورنر هائوس ۾ ٿيل هڪ سادي پر پروقار تقريب صوبائي وزير جو قسم کڻايو. تقريب ۾ …
سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار، اسماعيل راهو ڪابينا ۾ شامل، مُختلف وزيرن جي کاتن جي تبديلي
ڪراچي-26 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، بدين ضلعي سان تعلق رکندڙ ايم پي اي محمد اسماعيل راهو کي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مُختلف وزيرن جي کاتن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ اسماعيل راهو کي سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گورنر هائوس ۾ ٿيل هڪ سادي پر پروقار تقريب صوبائي وزير جو قسم کڻايو. تقريب ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ،صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، صوبائي سيڪريٽرين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايم پي اي محمد اسماعيل راهو کي سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪري کيس وزير بڻايو ويو آهي جڏهن ته صوبائي وزير ناصر حسين شاهه کان توانائي ۽ پي اينڊ ڊي وارو کاتو واپس وٺي کيس مقامي حڪومتن جو وزير مقرر ڪيو ويو آهي ۽ صوبائي وزير سعيد غني کي ليبر، هيومن ريسورسز ۽ سماجي تحفظ واري کاتي جو وزير مقرر ڪيو ويو آهي. مخدوم محبوب الزمان کان بحالي واري وزارت واپس وٺي کيس خوراڪ کاتي جو صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته آبپاشي واري وزير جام خان شورو کي آبپاشي سان گڏ پي اينڊ ڊي کاتي جو اضافي قلمدان ڏنو ويو آهي ۽ گيان چند اسراڻي کي وڏي وزير جو بحالي کاتي بابت صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي . نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي وڏي وزير جا 4 خاص مددگار پڻ مقرر ڪيا ويا آهن نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽر شام سندر ڪي آڏواڻي، فراز عابد لاکاڻي، محمد طارق حسن ۽ عطا محمد پنهور کي خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊاڪٽر شام سندر ڪي آڏواڻي کي اقليتن بابت خاص مددگار ۽ محمد علي راشد کي سائنس ۽ آءِ ٽي بابت وڏي وزير جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته عبدالجبار خان کي خوراڪ کاتي کان هٽائي بحالي کاتي بابت خاص مددگار ۽ جين خان سرفراز کي سماجي تحفظ جي بدران آرڪائيوز بابت خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي.












