ڪراچي-26 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي شهر جي برساتن مان متاثر ٿيل روڊن کي فوري طور مرمت ۽ ٻيهر تعمير ڪيو وڃي ۽ ساڳئي وقت اهڙو نيڪال جو مؤثر نظام قائم ڪيو وڃي جيئن مستقبل ۾ روڊن کي نقصان نه پهچي. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ ھڪ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. وڏي وزير تازين برساتن سبب شهر …
تازين برساتن سبب خراب ٿيل ڪراچيءَ جي روڊن جي ٻيهر تعمير ڪئي وڃي: سنڌ جو وڏو وزير
ڪراچي-26 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي شهر جي برساتن مان متاثر ٿيل روڊن کي فوري طور مرمت ۽ ٻيهر تعمير ڪيو وڃي ۽ ساڳئي وقت اهڙو نيڪال جو مؤثر نظام قائم ڪيو وڃي جيئن مستقبل ۾ روڊن کي نقصان نه پهچي. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ ھڪ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. وڏي وزير تازين برساتن سبب شهر جي اندرين روڊن کي پهتل وڏي نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته برسات دوران ناقص نيڪال سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي. وڏي وزير ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ ٽائون انتظاميا کي هدايت ڪئي ته مڪاني کاتي جي نگرانيءَ ۾ روڊن جي بحاليءَ جا منصوبا تيار ڪن. هن واضح ڪيو ته هر خراب ٿيل روڊ جي مرمت يا مڪمل ٻيهر تعمير ڪيو وڃي ۽ ڪو به منصوبو نيڪال جي نظام کانسواءِ منظور نه ٿيندو. سيد مراد علي شاهه سٺن روڊن کي شهري آمدرفت، معاشي سرگرمين ۽ عوامي ڀلائيءَ سان ڳنڍيندي چيو ته ڪراچي ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي تنهنڪري ان جو انفراسٽرڪچر انهيءَ حقيقت جو عڪس ٿيڻ گهرجي. ميئر ڪراچي اجلاس کي ٻڌايو ته ڪي ايم سي جي ٽٽل روڊن جو سروي جاري آهي جڏهن ته صوبائي وزير چيو ته ٽائون انتظاميه کي به پنهنجن علائقن ۾ سروي ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. اهي منصوبا مڪمل ٿيڻ بعد وڏي وزير کي منظوري لاءِ پيش ڪيا ويندا. ان کان علاوه وڏي وزير مڪاني کاتي کي شهر ۾ صفائيءَ جا ڪم تيز ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته بهتر صفائي سٿرائي ۽ روڊن جي حالت ڪراچي کي قابلِ رهائش بڻائڻ لاءِ لازمي آهي. وڏي وزير چيو ته اسان برساتي پاڻي گڏ ٿيڻ يا نيڪال ۽ ترقياتي ڪوششن ۾ رنڊڪ نه ٿيڻ ڏينداسين. سيد مراد علي شاهه چيو ته گذريل برساتن مان سبق سکڻو پوندو ۽ پائيدار روڊن جي تعمير، مربوط نيڪال جو نيٽ ورڪ ۽ وقتائتو مڪاني خدمتون ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهن۔اجلاس ۾ صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، جام خان شورو، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ سيڪريٽري مڪاني وسيم شمشاد شرڪت ڪئي.











