ڪراچي-26 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان چيني توانائي ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي آهي. سن گرو رينيوايبل انرجي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر تينگ ۽ چائنا سوزن گروپ جي چيئرمين تيان گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ توانائي جي شعبي ،سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي سهڪار کي زور وٺائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ گرو وچ ۾ سنڌ ۾ …
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان چيني توانائي ڪمپنين جي وفد جي ملاقات
ڪراچي-26 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان چيني توانائي ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي آهي. سن گرو رينيوايبل انرجي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر تينگ ۽ چائنا سوزن گروپ جي چيئرمين تيان گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ توانائي جي شعبي ،سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي سهڪار کي زور وٺائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ گرو وچ ۾ سنڌ ۾ گرين انرجي رٿائن تي گڏيل سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿي. سنڌ جي گورنر ان موقعي تي سنڌ کي توانائي جي شعبي ۾ پاڻڀرو بنائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته صوبي ۾ تجديد جوڳي توانائي کي زور وٺائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. سن گرو رينيو ايبل انرجي جي اختيارين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ گرين ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ڪمپني جي عالمي مارڪيٽ ۾ قدر 40 بلين آمريڪي ڊالر کان چڙهي وئي آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته گرين ٽيڪنالاجي ٽيڪنالاجي مستقبل جي ضرورت آهي ۽ سنڌ ۾ سيڙپڪارن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيو وينديون ته جئين ماحول دوست ۽ پائيدار ترقي کي هٿي وٺائي سگهجي.











