ڪراچي-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪ ـ چين لاڳاپا پنهنجي گهرائي ۽ مضبوطيءَ جي لحاظ سان دنيا ۾ بي مثال آهن۔ هي هر موسم ۾ قائم رهندڙ ۽ فولادي دوستي آهي جيڪا ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ٿي۔ اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪراچي ۾ چيني قونصليٽ پاران چين جي 76هين قومي ڏينهن جي موقعي تي …
پاڪ- چين لاڳاپا پنهنجي گهرائي ۽ مضبوطيءَ جي لحاظ سان دنيا ۾ بي مثال آهن: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪ ـ چين لاڳاپا پنهنجي گهرائي ۽ مضبوطيءَ جي لحاظ سان دنيا ۾ بي مثال آهن۔ هي هر موسم ۾ قائم رهندڙ ۽ فولادي دوستي آهي جيڪا ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ٿي۔ اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪراچي ۾ چيني قونصليٽ پاران چين جي 76هين قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقده تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو۔ وڏي وزير تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ قونصل جنرل چين کي گل دستو پيش ڪندي چيني قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو۔ هن چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام پاران چيني حڪومت ۽ عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو۔ مراد علي شاهه چيو ته عوامي جمهوريه چين 76 سال اڳ ترقي، اتحاد ۽ قومي سجاڳي جي تاريخي سفر جي شروعات ڪئي هئي ۽ اڄ چين دنيا ۾ استقامت، جدت ۽ عالمي قيادت جي علامت آهي۔ هن چيو ته چين نه رڳو پنهنجي عوام جي خوشحاليءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي پر دنيا ۾ امن، تعاون ۽ گڏيل ترقي لاءِ به شاندار خدمتون انجام ڏنيون آهن۔ وڏي وزير چيو ته پاڪ ـ چين دوستي قراقرم جي چوٽين کان وٺي عربي سمنڊ جي ڪنارن تائين هر آزمائش ۽ خوشي جي موقعي تي هڪ ٻئي سان گڏ رهي آهي۔ هن چيو ته هن سال به اسان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوطي ڏني آهي ۽ اعليٰ سطحي دورن اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي نئين وسعت ڏني آهي۔ هن چيو ته سي پيڪ تحت سنڌ ۾ بُنيادي ڍانچي جي ترقي، توانائي منصوبا ۽ صنعتي سهڪار سان صوبي ۾ انقلابي تبديليون آيون آهن ۽ عوام جي زندگين تي سڌا مثبت اثر پيا آهن۔ وڏي وزير چيو ته سي پيڪ فيز ٽو ۾ صنعت، زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جهڙن شعبن ۾ وڌيڪ سهڪار جا خواهشمند آهيون۔ مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان جو عوام هن خاص لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو رهندو ۽ چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان هي ڀائيواري نون اوچائين تائين وٺي ويندا ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ امن، خوشحالي ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي۔ هن چيو ته اڄ جو ڏينهن نه رڳو چين جي قومي ڏينهن جو جشن آهي پر پاڪ-چين اَٽل دوستي جي عزم جي تجديد جو ڏينهن پڻ آهي۔











