ڪراچي-24 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آمريڪا جي نگران ناظمه الامور نيتالي ايشٽن بيڪر ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال، خوراڪ جي تحفظ، توانائي ۽ سلامتي جي تعاون، ڪيٽي بندر پورٽ منصوبي ۽ سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهيون ٿيون۔ وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان موجب ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمين، پولٽيڪل آفيسر …
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آمريڪا جي نگران ناظمه الامور نيتالي ايشٽن بيڪر جي ملاقات
ڪراچي-24 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آمريڪا جي نگران ناظمه الامور نيتالي ايشٽن بيڪر ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال، خوراڪ جي تحفظ، توانائي ۽ سلامتي جي تعاون، ڪيٽي بندر پورٽ منصوبي ۽ سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهيون ٿيون۔ وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان موجب ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمين، پولٽيڪل آفيسر جيرڊ هينسن ۽ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ ٻيا عملدار به موجود هئا۔ وڏي وزير ڪيٽي بندر منصوبي جي شروعات ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي ان کي تاريخ جو پهريون قدرتي پورٽ ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن قرار ڏنو۔ هن چيو ته ڪراچي پورٽ تي سخت دٻاءُ آهي ۽ نئين بندرگاهه جي فوري ضرورت آهي۔ ان موقعي تي شاھراھه ڀٽو کي سڌو سنئون ڪراچي پورٽ سان ڳنڍڻ جي تجويز تي به ڳالهه ٻولهه ٿي ته جيئن شهر مان ھيوي ٽريفڪ کي هٽائي سگهجي۔ نيتالي بيڪر اعلان ڪيو ته آمريڪا جي نمايان ڪمپنين جا اعليٰ عهديدار جلد ڪراچي جو دورو ڪندا ته جيئن مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڏسي سگهن۔ ان تي وڏي وزير مڪمل سرڪاري سهڪار جي خاطري ڪرائي۔ توانائي ۽ صنعتي تعاون بابت ٿر ۾ ڪوئلي تي ٻڌل منصوبن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون جن ۾ ڪوئلي مان گيس، ڀاڻ ۽ ڊيزل ٺاهڻ شامل آهن۔ وڏي وزير مقامي وسيلن جي موثر استعمال تي زور ڏنو۔ ٻوڏ جي انتظام بابت مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سپر فلڊ لاءِ وڏي تياري ڪئي هئي پر هن سال صورتحال گهٽ رهي۔ هن پنجاب ۾ شديد نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سنڌ جي ڪچي جي علائقن ۾ سارين جي فصل کي پهتل نقصان کي اجاگر ڪيو۔ ملاقات ۾ خوراڪ، پاڻي ۽ صفائي لاءِ گڏيل قومن ۽ غير سرڪاري تنظيمن وسيلي 22 لک 50 هزار آمريڪي ڊالرن جي امداد ۽ آمريڪي فوج طرفان ٻيڙيون، ٽينٽ، کٽون ۽ پاڻي جا پمپ ڏيڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي۔ غذائي تحفظ بابت وڏي وزير گذريل سال ڪڻڪ جي گهٽ پوک سبب پيدا ٿيل مسئلا اجاگر ڪندي ٻڌايو ته امپورٽ واري ڪڻڪ صوبي کي 40 ڪلو جي حساب سان 3800 رپين ۾ پئي۔ هن چيو ته غذائي تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي۔ سلامتي جي تعاون بابت به ڳالهيون ٿيون۔ مراد علي شاهه 2012ع کان انٽرنيشنل نارڪوٽڪس اينڊ لا پروگرام هيٺ آمريڪي تعاون جي ساراهه ڪئي جنهن وسيلي پوليس جي تربيت، سامان، عورت پوليس لاءِ بيرڪس ۽ جيل سڌارن لاءِ مالي مدد فراهم ڪئي وئي۔ هن ٻڌايو ته سنڌ جي 22 جيلن کي جديد نظام سان آراسته ڪيو ويو آهي ۽ حيدرآباد ۾ جيل عملي جي تربيت لاءِ ادارو قائم ڪيو ويو آهي۔ وڏي وزير آمريڪا پاران 20 ملين ڊالرن جي حفاظتي سامان جي فراهمي کي به تسليم ڪيو۔ نيتالي بيڪر انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ سنڌ پوليس جي نمائندگي ڪرڻ تي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ پوليس منيشا روپيتا جي تعريف ڪئي ۽ انتهاپسندي خلاف عوامي سلامتي لاءِ سنڌ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو۔ ٻنهي پاسن کان معذور ماڻهن لاءِ قدمن تي به ڳالهيون ٿيون۔ نيتالي بيڪر چيو ته آمريڪي ڪمپنيون ٻوڙن ٻارن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت لاءِ مدد ۾ دلچسپي رکي ٿي. وڏي وزير مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت اڳ ئي تعليم، تربيت ۽ بحالي جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، آمريڪي ادارن جو تعاون اسان لاءِ انتهائي قيمتي ٿيندو۔











