راولپنڊي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ عسڪري اداره جاتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ بدلجندڙ علائقائي چئلينجز جي روشنيءَ ۾ ٻه طرفي دفاعي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي عزم تي زور ڀريو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب پاڪ …
پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ عسڪري اداره جاتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ بدلجندڙ علائقائي چئلينجز جي روشنيءَ ۾ ٻه طرفي دفاعي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي عزم تي زور ڀريو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي طرفان جٽادار دفاعي سهڪار جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ۽ گڏيل تربيتي قدمن ۽ هوابازي جي صنعت ۾ گهري سهڪار تي خاص زور ڀريو. چيف آف دي ايئر اسٽاف معزز مهمان جي شاندار آجيان ڪندي معزز مهمان کي پاڪ فضائيه جي هاڻوڪي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني جنهن ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي، تربيت ۾ سڌارن ۽ اعليٰ صلاحيتن کي شامل ڪرڻ ذريعي جديد ڪاري جي منصوبن تي روشني وڌي. هن وڌيڪ روشني وڌي ته انهن اسٽريٽجڪ قدمن جو مقصد پي اي ايف جي آپريشنل تيارين ۽ ملٽي ڊومين وار فيئر ۾ فني برتري کي وڌائڻ آهي. ايئر چيف ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ گهرا مذهبي ۽ تاريخي ناتا آهن جيڪي ان جي مثالي عسڪري سهڪار سان ظاهر ٿين ٿا ۽ ٻه طرفي دفاعي سهڪار خاص ڪري تربيت، گڏيل مشقن ۽ علم جي مٽاسٽا جي شعبن ۾ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه پاڪ فضائيه جي سربراهه کي ڀارت خلاف تازي تڪرار ۾ پاڪ فضائيه جي شاندار ڪارڪردگيءَ تي مبارڪون ڏيندي پاڪ فضائيه جي اهلڪارن جي پيشيوراڻي مهارت، آپريشنل تياري ۽ غير معمولي حوصلي کي ساراهيو. ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ تربيت جي ميدان ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو ۽ مشقن ذريعي سکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن پاڪ فضائيه سان ٻه طرفي مشقن ۽ گڏيل تربيتي منصوبن ۾ بحرين جي فضائيه جي گهري دلچسپي کان پڻ آگاهه ڪيو. ان ڳالهه کي اجاگر ڪندي ان طرح جي قدمن سان گڏيل ترقي ۽ گڏيل آپريشنل تجربي لاءِ هڪ پليٽ فارم طور تي ڪم ڪبو. هن چيو ته ان دؤري سان ڀائيچاري ۽ دفاعي ڀائيواري جي جٽادار سهڪار کي وڌيڪ هٿي ملندي جنهن ۾ معزز مهمان پي اي ايف جي پاڻڀري مهم کي ساراهيو ۽ علائقائي طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ سندس قيادت جي تعريف ڪئي. پاڪ فضائيه جي سربراهه ۽ ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي فوجي سهڪار کي هٿي ڏيڻ، اداره جاتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ بدلجندڙ علائقائي چئلينجز جي روشنيءَ ۾ ٻه طرفي ناتن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم تي زور ڀريو.











