موسمياتي تبديلي سبب ايندڙ سال مون سون وڌيڪ شديد ۽ وقت کان اڳ ٿي سگهي ٿو تنهنڪري موسمي حقيقتن مطابق تياري لازمي آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته موسمياتي تبديلي سبب ايندڙ سال مون سون وڌيڪ شديد ۽ وقت کان اڳ ٿي سگهي ٿو تنهنڪري موسمي حقيقتن مطابق تياري لازمي آهي۔ اهڙو اظهار هن هڪ اهم ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ کاتن ۾ مربوط ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس ۾ مالي نظام، سڌارن، عدالتي عمل، …

ڪراچي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته موسمياتي تبديلي سبب ايندڙ سال مون سون وڌيڪ شديد ۽ وقت کان اڳ ٿي سگهي ٿو تنهنڪري موسمي حقيقتن مطابق تياري لازمي آهي۔ اهڙو اظهار هن هڪ اهم ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ کاتن ۾ مربوط ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس ۾ مالي نظام، سڌارن، عدالتي عمل، ثقافتي واڌاري، زراعت جي نگراني، ٽيڪسيشن سڌارن ۽ روڊن جي حفاظت بابت وڏن سڌارن جي منظوري ڏني وئي۔ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ گذريل ڇهن هفتن کان خطري هيٺ رهي آهي۔ پهرين لهر 24 آگسٽ تي گڊو بئراج وٽ 5 لک 34 هزار ڪيوسڪ، سکر وٽ 4 لک 81 هزار ۽ ڪوٽڙي وٽ 2 لک 73 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿي۔ ٻي لهر 15 سيپٽمبر تي 6 لک 35 هزار ڪيوسڪ تائين پهتي۔ جيتوڻيڪ ماهرن 11 لک ڪيوسڪ تائين خطري جي اڳڪٿي ڪئي هئي پر وقت سر قدمن سان صورتحال تي ضابطو آندو ويو۔ صحت کاتي 145 ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 1 لک 34 هزار 240 مريضن جو علاج ڪيو جڏهن ته لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمينٽ 16 لک ڍورن کي ويڪسين ڏني۔ ان موقعي تي وڏي وزير سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو، صوبائي وزيرن، ايم پي ايز ۽ ضلعي انتظاميه کي عوام وچ ۾ موجود رھڻ ۽ گڏيل ڪوششن تي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي ڪابينا اجلاس ۾ سنڌ فنانشل رولز 2023 ۽ ڊيليگيشن آف فنانشل پاورز رولز ۾ ترميمون منظور ڪيون ويون جن تحت بقايائن جي دعوائن جي جاچ کي کاتن تائين منتقل ڪيو ويو ته جيئن دير ختم ٿئي۔ جڏهن ته 10 سالن کان وڌيڪ پراڻيون دعوائون اڃا به ناڻي کاتي جي منظوري سان ٿينديون۔ هڪ ٻئي اهم قدم طور ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 34 هزار 106 اسڪولن کي مالي خودمختياري ڏني وئي آهي جنهن تحت هيڊ ماستر هاڻ سڌو آپريشنل فنڊز تائين رسائي حاصل ڪري سگهندا۔ مٽياري ۽ سکر ۾ پائلٽ لينڊ ڊجيٽائيزيشن پروگرام تحت مختيارڪار کي به 2 لک رپين تائين خرچ ڪرڻ جا مالي اختيار ڏنا ويا آهن۔ وڏي وزير چيو ته هي سڌارا اڳين قدمن جيان آهن جن سان ايس ايڇ اوز کي اختيار ڏنا ويا هئا ۽ هن سان ھيٺئين سطح تي سهولتون وڌيڪ بهتر ٿينديون۔ ڪابينا ضلع ٺٽو ۾ نئين تعمير ٿيل ضلعي جيل ۽ سڌاري مرڪز جنهن ۾ 250 قيدين جي گنجائش آهي، کي سنڌ پرزنز اينڊ ڪوريڪشنل سروسز تحت نوٽيفاءِ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ته جيئن جيلن ۾ رش گهٽجي۔ تيرنھن دهشتگردي ٽوڙ عدالتن کي منشيات سان لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ خاص عدالتن طور ٻيهر نامزد ڪيو ويو جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججن ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽن کي عارضي طور اهي اختيار ڏنا ويا جيستائين مستقل عدالتون قائم نه ٿين۔ ڪابينا ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي جي اختيارن ۾ اضافو ڪيو۔ هاڻ اهو کاتو عالمي سطح تي سنڌي ثقافت جي واڌاري، سياحتي خدمتن جي ضابطن، پيشيوراڻي تربيت، قلمي نسخن جي ڊجيٽائيزيشن، آثار قديمه جي حفاظت ۽ ٻولي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ذميوار هوندو۔ ان سان گڏ سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌ ٽوئرازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ۽ سنڌ بورڊ آف فلم سينسرز به انهيءَ کاتي جي حوالي ڪيا ويا۔ ڪابينا 9 ڪروڙ 99 لک 60 هزار رپين جي لاڳت سان 10 موبائل ٽيسٽنگ وينز جي خريداري جي منظوري پڻ ڏني جيڪي انسپيڪشن لاءِ موبائل ٽيسٽنگ يونٽس اسڪيم تحت حاصل ڪيون وينديون۔ انهن ذريعي ماپ ۽ وزن جي درستگي ۽ فوري جانچ جو عمل بهتر بڻايو ويندو۔ روزانو معائنو 10–12 کان وڌائي 30–35 تائين ڪيو ويندو ۽ ضلعي ٽيمون ڊپٽي ڪمشنرن جي ماتحت ڪم ڪنديون۔ ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ لاءِ سنڌ ريوينيو بورڊ کي ايف بي آر، پي آر اي ايل ۽ ايس اي سي پي سان ڊيٽا شيئرنگ ۽ ڪمپني رجسٽريشن ڳنڍڻ لاءِ ايم او يو تي صحيح ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي۔ ان کان علاوه نون ترميمي نوٽيفڪيشنن جي منظوري ڏني وئي جيئن ڪلاسيفڪيشن ڪوڊز کي ريونيُو تي اثر وجهي بغير هموار بڻايو وڃي۔ ڪابينا سنڌ ۾ 10 ھيوي وهيڪل فٽنيس سينٽرن جي قيام جي تجويز منظور ڪئي۔ انهن مان پنج ڪراچي ۾ ۽ هڪ هڪ هر ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۾ قائم ٿيندا۔ جديد يورپي ٽيسٽنگ اوزارن جي مدد سان هي قدم ٽرانسپورٽ سيڪيورٽي کي جديد رخ ڏيندو، حادثن ۾ گهٽتائي آڻيندو ۽ قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندو۔ وڏي وزير ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته دلچسپي رکندڙ پروفيشنل پارٽين کان درخواستون طلب ڪيون وڃن ۽ مڪمل ميرٽ تي ڀرتي ڪئي وڃي۔ موسمياتي تبديليءَ جي حقيقتن موجب لچڪدار پاليسي، مالي خودمختياري، عدالتي سڌارا، ثقافتي واڌارو، زراعت جي نگراني، ٽيڪس جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ روڊن جي حفاظت جھڙا قدم کڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شفاف طرز حڪمراني، ھيٺئين سطح تي اختيارن جي منتقلي ۽ پائيدار ترقي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جو اظهار ڪيو۔ اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي۔