وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان آسيان ملڪن جي سفيرن جي ملاقات

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان آسيان جي 7 رڪني ملڪن جي سفيرن ساڻس سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي پاڪستان ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ انڊونيشيا، ملائيشيا، فلپائن، ٿائلينڊ، برونائي دارالسلام، ويٽنام ۽ ميانمر جا سفير ۽ …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان آسيان جي 7 رڪني ملڪن جي سفيرن ساڻس سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي پاڪستان ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ انڊونيشيا، ملائيشيا، فلپائن، ٿائلينڊ، برونائي دارالسلام، ويٽنام ۽ ميانمر جا سفير ۽ سينيئر سفارتڪار شريڪ ٿيا جيڪي اسلام آباد ۾ آسيان جي نمائندگي جي وسيع تر دائري جي عڪاسي ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان نه صرف ٻه طرفو واپار وڌائڻ چاهي ٿو پر ٽيڪنالاجي، هنر ۽ انفراسٽرڪچر ۾ مستحڪم ڀائيواري قائم ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته سمورن آسيان ملڪن سان پاڪستان جا ناتا خوشگوار آهن ۽ هاڻ ان کي وڌيڪ وڌائڻ جو وقت آهي. ڄام ڪمال خان سفيرن کي پاڪستان جي نئين واپاري پاليسي، گاڏين جي آمدني واپار جي پاليسي، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ٽيرف ۾ سڌارن ۽ نار تعاون ڪائونسل سان ايف ٽي اي تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سينٽرل ايشيا جو گيٽ وي آهي ۽ نئين ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدن سان خطي جي ڀائيوارن لاءِ خرچ گهٽ ٿي رهيا آهن. هن آسيان ڪمپنين کي سي پيڪ تحت خاص اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ ناڻي واڌ هڪ انگ تائين اچي وئي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ ڪاروباري ماحول بهتر بڻايو پيو وڃي. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ۾ اچي شيون تيار ڪريو، ويليو ايڊيشن ڪريو ۽ پوءِ ان کي ري ايڪسپورٽ ڪريو. هن ٻُڌايو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽريڊ ڊسپيوٽ ريزولوشن ڪميشن قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن عالمي ڪمپنين جا تڪرار فوري حل ڪري سگهجن. آسيان جي سفيرن پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ واپاري ناتن کي وڏا امڪان قرار ڏنو. ملائيشين سفير پاڪستاني ڪمپنين کي ملائيشيا جي وڌندڙ چپ ميڪنگ انڊسٽريءَ ۾ حصو وٺڻ جي آڇ ڪئي جڏهن ته ٻين سفيرن تعميرات ۽ بجلي جي شعبن ۾ آسيان جي موجوده سيڙپڪاريءَ کي اجاگر ڪيو. سمورن سفيرن پاڪستان جي ميزبانيءَ کي ساراهيو ۽ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري، مذهبي سياحت، هنر جي مٽاسٽا ۽ـ سپلاءِ چين ڀائيوارين کي تيز ڪرڻ تي زور ڀريو. آسيان 1967ع ۾ قائم ٿي هئي ۽ اڄ دنيا جي تيزيءَ سان وڌندڙ مارڪيٽ ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڪستان 1993ع ۾ آسيان جي شعبه جاتي ڊائلاگ پارٽنر بڻيو ۽ هاڻ مڪمل ڊائلاگ پارٽنر جو درجو حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

مزید خبریں