اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت موجب قومي وسيلن جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ادارا وزيراعظم جي ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان جي ويزن موجب هم آهنگيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه هتي وزارت ۾ نيب طرفان هٿ آيل سرڪاري ايراضيءَ جي حوالگي جي باقائده تقريب …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت موجب قومي وسيلن جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: هارون اختر خان

مزید خبریں
اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت موجب قومي وسيلن جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ادارا وزيراعظم جي ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان جي ويزن موجب هم آهنگيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه هتي وزارت ۾ نيب طرفان هٿ آيل سرڪاري ايراضيءَ جي حوالگي جي باقائده تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وفاقي حڪومت طرفان وزيراعظم جي خاص مددگار هٿ ڪيل ايراضي ويول ڪئي جيڪا نيشنل اڪائونٽبيلٽي بيورو (نيب) جي ڊپٽي چيئرمين سهيل ناصر ۽ ڪي پي ڪي جي ڊائريڪٽر جنرل نيب فرمان الله صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي حوالي ڪئي. تقريب ۾ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري سيف انجم، نيب جي نمائندن ۽ ڊائريڪٽر جنرل فريدون اڪرم شيخ پڻ شريڪ هئا. نيب جي ڪاوشن سان 310 ڪينال سرڪاري ايراضي جنهن جي ماليت اربين رپيا آهي جيڪا جوهري پور ۾ واقع آهي، بازياب ڪري صنعت ۽ پيداوار واري ذريعي وفاقي حڪومت جي حوالي ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هارون اختر چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب قومي وسيلن جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته ادارا وزيراعظم جي ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان جي ويزن موجب هم آهنگيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نيب ۽ وفاقي حڪومت جي گڏيل ڪاوشن سان قومي اثاث قوم جي مفاد ۾ محفوظ ٿي رهيا آهن. هن ان ڪاميابيءَ کي وزيراعظم جي شفافيت ۽ احتساب بابت ويزن جو هڪ عملي ثبوت قرار ڏنو.











