وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جي ملاقات

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر ۽ هيومينٽيرين محمد يحيٰ سان ملاقات ڪئي. وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران محمد يحيٰ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته هن وقت گڏيل قومن جا 24 ادارا پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جن جي پهرين ترجيح پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام سان …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر ۽ هيومينٽيرين محمد يحيٰ سان ملاقات ڪئي. وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران محمد يحيٰ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته هن وقت گڏيل قومن جا 24 ادارا پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جن جي پهرين ترجيح پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام سان گڏوگڏ موسمياتي تبديليءَ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ معاونت فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير ۽ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر وچ ۾ گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ جاري وڏي پيماني تي پروگرامن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ان دوران انهن پروگرامن جو دائره ڪار، عملدرآمد جي حڪمت عملي، اثرن ۽ مستقبل جي ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن موسمياتي موافقت، نقصانن ۾ گهٽتائي ۽ جٽادار ترقيءَ جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي. محمد يحيٰ ان موقعي تي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته گڏيل قومون پاڪستان جي موسمياتي ايجنڊا جي ڀرپور حمايت جاري رکندي ۽ پاڪستان حڪومت سان ويجهي ڀائيواري واري عمل ذريعي ماحولياتي پائيداري جي سهڪاري هدفن کي اڳتي وڌائيندو. وفاقي وزير گڏيل قومن جي مسلسل ڀائيواريءَ کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت اهڙن سهڪاري ڍانچن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي، جن سان موسمياتي تبديلين جي اثرن سبب وڌيڪ متاثر ڪميونٽيز لاءِ ٺوس ۽ نمايان نتيجا حاصل ٿيندا.

مزید خبریں