انساني صحت جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته انساني صحت جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي، صحتمند ماڻهو ئي  هڪ صحت مند معاشري جي جوڙجڪ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اها ڳالهه هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز(پمز) اسلام آباد ۾ ”صدمي جي بحالي تائين، سڙيل چمڙيءَ  جي علاج جي معيار ۾ بهتري“ جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته انساني صحت جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي، صحتمند ماڻهو ئي  هڪ صحت مند معاشري جي جوڙجڪ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اها ڳالهه هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز(پمز) اسلام آباد ۾ ”صدمي جي بحالي تائين، سڙيل چمڙيءَ  جي علاج جي معيار ۾ بهتري“ جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. صحت واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سڙيل مريضن جي موت واري شرح گهڻي وڌيڪ آهي ۽ ان جي سدباب لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي،  سڙيل مريض مناسب علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويا آهن. هن چيو ته احتياط علاج کان بهتر آهي، تدابيرن ۽ بيمارين کان بچاءُ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. بيماري جي شروعات ٻار جي پيدائش سان شروع ٿيندو آهي، پاڪستان ۾ 68 سيڪڙو بيماريون پاڻي جي سبب پيدا ٿينديون آهن. مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته ماڻهن کي بيمار ٿيڻ کان پهرين بچائيون. اسان جو هيلٿ ڪئير سسٽم سڪ ڪيئر سسٽم آهي اسان ماڻهن جي بيمار ٿيڻ جو انتظار ڪندا رهندا آهيون ان کي حقيقي معنن ۾ هيلٿ ڪيئر سسٽم ۾ تبديل ڪرڻو آهي. سرويڪل ڪسينر جي روڪٿام جي حوالي سان مصطفيٰ ڪمال ٻڌايو ته  پاڪستان دنيا جو 151هون ملڪ آهي جتي سرويڪل ڪينسر  جي ويڪسينيشن جي شروعات ڪئي وئي آهي، ڪينيڊا، آمريڪا ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن ۾ نياڻين کي اها ويڪسين لڳائي پئي وڃي، ڪيترن ملڪن ۾ ته 8 ڪلاس ۾ داخلا کان اڳ سرويڪل ڪينسر ويڪسين لازمي قرار ڏني وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾  هر سال لڳ ڀڳ 5000 عورتون ان بيماري جون شڪار ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن بيمارين کان بچائڻ آهي ته اسان کي ويڪسينيشن ڪراڻي پوندي، بيمارين کان بچاءُ  حفاظتي تدابيرن ۽ شروعاتي ويڪسينيشن تي ڌيان ڏنو ويو ته صحت جي نظام تي ڀار گهٽ ٿي سگهي ٿو. 

مزید خبریں