گوانگ زو-23 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ- چين دوستي جبلن کان بلند ۽ سمنڊ کان گهري آهي، هاڻ جينومڪس سهڪار سان پاڪ- چين دوستي انساني جينوم جهڙي بامعنيٰ ٿي وئي آهي. وزارت طرفان جاري بيان موجب هن اها ڳالهه گوانگ زو ۾ بيجنگ ۾ جينومڪس انسٽيٽيوٽ (بي جي آءِ) جي هيڊ ڪوارٽر جي دؤري جي …
وفاقي وزير احسن اقبال پاران بيجنگ جينومڪس انسٽيٽيوٽ جي هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو

مزید خبریں
گوانگ زو-23 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ- چين دوستي جبلن کان بلند ۽ سمنڊ کان گهري آهي، هاڻ جينومڪس سهڪار سان پاڪ- چين دوستي انساني جينوم جهڙي بامعنيٰ ٿي وئي آهي. وزارت طرفان جاري بيان موجب هن اها ڳالهه گوانگ زو ۾ بيجنگ ۾ جينومڪس انسٽيٽيوٽ (بي جي آءِ) جي هيڊ ڪوارٽر جي دؤري جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ طرفان پاڪستاني ماهرن لاءِ 500 تربيتي اسڪالرشپس ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته جينومڪس ۾ سهڪار پاڪ- چين دوستيءَ ۾ نئون باب آهي، ٻئي ملڪ روڊن ۽ بجلي گهر بڻائڻ کان اڳيان وڌي زندگيءَ جي بنيادي نقشي کي سمجهڻ طرف وڃي رهيا آهن، سي پيڪ 2.0 جينومڪس ۽ بائيو ٽيڪنالاجي ذريعي صحت، غذائي تحفظ ۽ جدت تي ٻَڌل روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن چيو ته سهڪار صرف بيمارين جي علاج تائين محدود ناهي پر ٻنهي ملڪن ۾ خوشحاليءَ جي راهه پڻ هموار ڪري ٿو. هن چيو ته هاڻ جينومڪس سهڪار سان پاڪ- چين دوستي انساني جينوم جهڙي بامعنيٰ ٿي وئي آهي، بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو سي پيڪ تحت جينو مڪس کي محدود سهولت ناهي پر عوامي نعمت بڻايو ويندو. هن چيو ته جينو مڪس سهڪار سان پاڪستان ۽ چين صحتمند نسل، غذائي تحفظ ۽ علم تي ٻَڌل معيشت ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي جنهن جا ڏور رس اثر مرتب ٿيندا.











