سنڌ جي 28 سيٽن تي ننڍي مڪاني چونڊ لاءِ مانيٽرنگ ڪنٽرول روم قائم

ڪراچي- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ صوبي جي 14 ضلعن جي 28 سيٽن تي ننڍي مڪاني چونڊ جي مانيٽرنگ لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي آفيس ۾ پراونشل مانيٽرنگ  ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. اڱاري ڏينهن جاري پڌرائي مطابق سنڌ جي صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ، ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن ۽ عملدارن کي هدايتون ڏنيون ته ننڍي مڪاني چونڊ کي پرامن، شفاف ۽ آزاداڻي منعقد ڪرڻ کي هر …

ڪراچي- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ صوبي جي 14 ضلعن جي 28 سيٽن تي ننڍي مڪاني چونڊ جي مانيٽرنگ لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي آفيس ۾ پراونشل مانيٽرنگ  ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. اڱاري ڏينهن جاري پڌرائي مطابق سنڌ جي صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ، ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن ۽ عملدارن کي هدايتون ڏنيون ته ننڍي مڪاني چونڊ کي پرامن، شفاف ۽ آزاداڻي منعقد ڪرڻ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته سموري پولنگ اسٽيشنن اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي جا مڪمل انتظام ڪيا وڃن. اعجاز انور چوهاڻ چيو ته سمورا آفيسر ۽ عملدار شفاف چونڊ عمل لاءِ سمورا  وسيلا ڪتب آڻين، چونڊ ۾ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ چيو ته ڪنٽرول روم چونڊن جي سموري مرحلي جي نگراني ڪندو ۽ نتيجن جي وصولي تائين فعال رهندو. شڪايت يا اطلاع لاءِ فون نمبر 021،99204544 ۽ اي ميل [email protected] تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.