اسلام آباد - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي سينيئر صحافي مظهر اقبال جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته مظهر اقبال هڪ محنتي صحافي هو. هن صحافتي قدرن جي فروغ ۾ پنهنجو …
اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي پاران سينيئر صحافي مظهر اقبال جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي سينيئر صحافي مظهر اقبال جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته مظهر اقبال هڪ محنتي صحافي هو. هن صحافتي قدرن جي فروغ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪارڪن صحافين جي حقن جي لاءِ عملي جدوجهد ڪئي، سندس لاڏاڻي سان صحافتي برادري هڪ تجربيڪار صحافي ۽ منفرد شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. اي پي پي جي ايم ڊي مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.











