سعودي عرب ۽ پاڪستان ۾ محبت ۽ احترام جو رشتو عالمي سطحي تي منفرد مثال آهي: راڻا مشهود احمد خان

اسلام آباد -23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سعودي عرب جي قومي ڏينهن تي سعودي عوام ۽ قيادت کي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ محبت ۽ احترام جو رشتو عالمي سطح تي منفرد مثال آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي نوجوانن جو گڏيل سهڪار هڪ ناياب آهي. سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي …

اسلام آباد -23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سعودي عرب جي قومي ڏينهن تي سعودي عوام ۽ قيادت کي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ محبت ۽ احترام جو رشتو عالمي سطح تي منفرد مثال آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي نوجوانن جو گڏيل سهڪار هڪ ناياب آهي. سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اهو ڏينهن  سعودي عرب جي يڪجهتي ۽ ترقي جي علامت ۽ ان جي تاريخي ۽ جديد ڪاميابين جو جشن آهي. هن چيو ته سعودي عرب عالمي سطح تي هڪ جديد رياست طور پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪئي ۽ ان جي قيادت خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. اقتصادي ترقي، ٽيڪنالاجي ۽ عالمي سطح تي پنهنجي ڪردار کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سعودي عرب جي قيادت بصيرت ۽ حڪمت جو مظاهرو ڪيو آهي.  هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائيچاري ۽ تعاون جو رشتو هميشه گهرو ۽ پائيدار رهيو، ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ محبت ۽ احترام جو رشتو عالمي سطح تي هڪ منفرد مثال آهي، پاڪستاني نوجوان سعودي عرب جي ترقي کان متاثر آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تعاون جي وڌيڪ امڪانن جي اميد رکون ٿا. راڻا مشهود احمد خان چيو ته سعودي عرب جو ثقافتي ورثو ۽ اسلامي تاريخ پوري دنيا ۾ احترام لائق آهن. سعودي عرب مسلمانن لاءِ هڪ مقدس هنڌ جي حيثيت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته هتي مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جهڙا مقدس شهر واقع آهن، جتي سڄي دنيا جا مسلمان هر سال حج ۽ عمره لاءِ ايندا آهن. هن چيو ته سعودي عرب جي قيادت اسلامي دنيا جي رهنمائي ڪري ٿي ۽ اهو ملڪ مسلمانن جي اتحاد، عقيدت ۽ روحانيت جو مرڪز آهي جنهن جي اهميت سمورا مسلمان مڃين ٿا. راڻا مشهود احمد خان چيو ته سعودي عرب جي قيادت جديديت سان گڏوگڏ روايتن کي به برقرار رکيو جيڪو هڪ فخر جوڳو مثال آهي. سعودي عرب جو قومي ڏينهن نه رڳو سندس ڪاميابين جو جشن آهي، پر روشن مستقبل جي اميد آهي. هن سعودي عرب  جي قومي ڏينهن تي پاڪستاني نوجوانن طرفان نيڪ خواهشن ۽ هڪ روشن مستقبل جي دعا ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي نوجوانن جو گڏيل سهڪار ناياب آهي.

مزید خبریں