آءِ ٽي سي اين ايشيا 2025ع جي ٽن ڏينهن واري نمائش ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ شروع

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ٽي سي اين ايشيا 2025ع جي ٽن ڏينهن واري نمائش اڄ کان ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ شروع ٿي وئي آهي. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت جي ٽيڪ ڊيسٽينيشن پاڪستان تحت نمائش ۾ گهڻ ملڪي سيڙپڪار شرڪت ڪري رهيا آهن. تفصيل مطابق  نمائش ۾ برطانيه، ترڪيه، آذربائيجان، سعودي عرب، چين، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا وفد شرڪت ڪري رهيا آهن. ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن تحت …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ٽي سي اين ايشيا 2025ع جي ٽن ڏينهن واري نمائش اڄ کان ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ شروع ٿي وئي آهي. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت جي ٽيڪ ڊيسٽينيشن پاڪستان تحت نمائش ۾ گهڻ ملڪي سيڙپڪار شرڪت ڪري رهيا آهن. تفصيل مطابق  نمائش ۾ برطانيه، ترڪيه، آذربائيجان، سعودي عرب، چين، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا وفد شرڪت ڪري رهيا آهن. ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن تحت آءِ ٽي سيڪٽر نوجوانن جي روزگار ۾ اضافي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، نمائش ۾ اهم معاهدن ذريعي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏني ويندي. ايونٽ عالمي سطح تي پاڪستان کي جديد آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام حب طور روشناس ڪرائيندو. آءِ ٽي سيڪٽر ۾ ترقياتي قدم ۽ ڊجيٽل معيشت جي مضبوطي ۾ ايس آءِ ايف سي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. 

مزید خبریں