صدر پاران سعودي عرب جي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سعودي عرب جي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ جي مذهبي خدمتن ۽ علمي رهنمائي کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن مرحوم جي خاندان، خادم حرمين شريفين ۽ سعودي عرب جي عوام …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سعودي عرب جي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ جي مذهبي خدمتن ۽ علمي رهنمائي کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن مرحوم جي خاندان، خادم حرمين شريفين ۽ سعودي عرب جي عوام سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري.

مزید خبریں