اسلام آباد _23 سيپٽمبر (اي پي پي )قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سينيئر صحافي مظهر اقبال جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وڃڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن مظهر اقبال جي صحافتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته مظهر اقبال هڪ باصلاحيت صحافي هو. سندس خدمت کي هميشه ياد رکيو ويندو. سينيئر صحافي مظهر اقبال جي وفات …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران سينيئر صحافي مظهر اقبال جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد _23 سيپٽمبر (اي پي پي )قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سينيئر صحافي مظهر اقبال جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وڃڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن مظهر اقبال جي صحافتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته مظهر اقبال هڪ باصلاحيت صحافي هو. سندس خدمت کي هميشه ياد رکيو ويندو. سينيئر صحافي مظهر اقبال جي وفات صحافت جي شعبي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سوڳوارن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏک ۽ صدمي جي ان گهڙي ۾ اسان سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيان.











