اسلام آباد -23 سيپٽمبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سينئر صحافي مظهر اقبال جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب سينيٽ چيئرمين پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مظهر اقبال هڪ محنتي ۽ باصلاحيت صحافي هو جنهن پنهنجا فرض ايمانداري سان سرانجام ڏنا. سندس صحافتي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو …
سينيٽ چيئرمين پاران سينئر صحافي مظهر اقبال جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -23 سيپٽمبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سينئر صحافي مظهر اقبال جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب سينيٽ چيئرمين پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مظهر اقبال هڪ محنتي ۽ باصلاحيت صحافي هو جنهن پنهنجا فرض ايمانداري سان سرانجام ڏنا. سندس صحافتي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته مظهر اقبال جو لاڏاڻو نه رڳو سندس ڪٽنب لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي پر صحافت جي شعبي لاءِ پڻ هڪ وڏو نقصان آهي. سينيٽ چيئرمين ڏکويل ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي ايصال ثواب ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا گهري.











