پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا سدائين قائم رهندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب سان پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسلام، تاريخ، ڀائيچاري ۽ اعتماد جي بنياد تي قائم لاڳاپا سدائين قائم رهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي …

اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب سان پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسلام، تاريخ، ڀائيچاري ۽ اعتماد جي بنياد تي قائم لاڳاپا سدائين قائم رهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران هو خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن کي سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي انتهائي گرمجوشي سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو. هن رياض جي تازي تاريخي دوري دوران کيس ۽ پاڪستاني وفد کي ملندڙ والهاڻي استقبال ۽ محبت سان ڀرپور مهمان نوازي کي پنهنجي لاءِ انتهائي خوشي جو سبب قرار ڏيندي چيو ته هو پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن جا هڪ ڀيرو ٻيهر دل جي گهرائين سان ٿورا ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستاني عوام به مون سان گڏ شاهه سلمان ۽ شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورا ادا ڪري ٿي ته اسان جو دورو بي مثال محبت ۽ يادگار لمحن سان ڀرپور رهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا دين اسلام، تاريخ، ڀائيچاري ۽ اعتماد جي بنياد تي قائم آهن جيڪي سدائين قائم رهندا، اسان پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي سعودي عرب جي عظيم الشان ترقياتي سفر تي فخر ڪريون ٿا جيڪو شهزاده محمد بن سلمان جي دُور انديش قيادت ۾ جاري آهي. هن چيو ته اڄ سعودي عرب عالمي برادري ۾ جنهن بلند مقام تي بيٺل آهي اهو ان بصيرت ۽ دانشمندي جو روشن مثال آهي. وزيراعظم چيو ته مئي 2025ع ۾ ڀارت سان ڇڪتاڻ دوران سعودي قيادت ۽ عوام پاران يڪجهتي جي اظهار کي پاڪستاني قوم سدائين ياد رکندي، پاڪستاني عوام سعودي عرب جي معاشي تعاون کي پڻ نه ٿي وساري سگهي جنهن جي ڪري اسان جي معيشت کي سهارو مليو. هن چيو ته لکين پاڪستاني سعودي عرب کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا ۽ اتان جي تعمير ۽ ترقي ۾ سرگرم عمل آهن، پاڪستاني برادري جي سعودي عرب ۾ خدمتون ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن، خوشحالي ۽ ترقي جو سبب آهي. هن چيو ته سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي خوشي جي موقعي تي آئون پاڪستان پاران اهو عزم ورجايان ٿو ته اسان ان پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سعودي عرب کي سدائين ترقي ۽ عظمت سان نوازي.

مزید خبریں