ڪراچي-22 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي 14 ضلعن جي 28 سيٽن تي ضمني مڪاني چونڊون 24 سيپٽمبر اربع ڏينهن ٿينديون، ان سلسلي ۾ سڀ ضروري قدم مڪمل ڪيا ويا آهن. انهن ضمني چونڊن ۾ 2 ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، 6 چيئرمين، 7 وائيس چيئرمين ۽ 13 جنرل/وارڊ ميمبر جون سيٽون شامل آهن. چونڊ عمل جي نگراني لاءِ 14 ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، 21 رٽرننگ آفيسر، 21 اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر، 14 ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ …
سنڌ جي 14 ضلعن جي 28 سيٽن تي ضمني مڪاني چونڊون 24 سيپٽمبر تي ٿينديون
ڪراچي-22 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي 14 ضلعن جي 28 سيٽن تي ضمني مڪاني چونڊون 24 سيپٽمبر اربع ڏينهن ٿينديون، ان سلسلي ۾ سڀ ضروري قدم مڪمل ڪيا ويا آهن. انهن ضمني چونڊن ۾ 2 ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، 6 چيئرمين، 7 وائيس چيئرمين ۽ 13 جنرل/وارڊ ميمبر جون سيٽون شامل آهن. چونڊ عمل جي نگراني لاءِ 14 ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، 21 رٽرننگ آفيسر، 21 اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر، 14 ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر ۽ 21 مانيٽرنگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. ڪل رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد 2 لک 43 هزار 187 آهي، جن ۾ هڪ لک 33 هزار 38 مرد ۽ هڪ لک 10 هزار 154 عورتون شامل آهن، چونڊ عمل لاءِ 1512 اهلڪار ذميداريون نڀائيندا جن ۾ پرزائيڊنگ آفيسر، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ پولنگ آفيسر شامل آهن. مجموعي طور تي 167 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن ، جن ۾ 17 مردن، 17 عورتن جون ۽ 134 گڏيل پولنگ اسٽيشنون شامل آهن. سيڪيورٽي انتظامن تحت 127 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس ، 34 کي حساس ۽ 6 کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي. ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ ،شڪارپور ،قمبر شهدادڪوٽ، نوشهرو فيروز، شهيد بينظير آباد، ٿرپارڪر، ٽنڊوالهيار ۽ سجاول ۾ سڀني سيٽن تي اميدوارن جي بنا مقابلي چونڊجڻ سبب هاڻ انهن ضلعن ۾ پولنگ نه ٿيندي.











