پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٻڌمت ڪلچرل اينڊ انفارميشن سينٽر قائم ڪيو ويندو: وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي

اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته پاڪستان مهر ڳڙهه، هڙاپا، موئن جو دڙو ۽ ٽيڪسلا جهڙين هزارين سال پراڻين تهذيبن جو امين آهي، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٻڌمت ڪلچرل اينڊ انفارميشن سينٽر لوڪ ورثه ۾ قائم ڪيو ويندو، هي تاريخي قدم بين المذاهت هم آهنگي، مذهبي سياحت ۽ ثقافتي ورثي کي هٿي ڏيڻ لاءِ کنيو پيو وڃي. …

اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته پاڪستان مهر ڳڙهه، هڙاپا، موئن جو دڙو ۽ ٽيڪسلا جهڙين هزارين سال پراڻين تهذيبن جو امين آهي، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٻڌمت ڪلچرل اينڊ انفارميشن سينٽر لوڪ ورثه ۾ قائم ڪيو ويندو، هي تاريخي قدم بين المذاهت هم آهنگي، مذهبي سياحت ۽ ثقافتي ورثي کي هٿي ڏيڻ لاءِ کنيو پيو وڃي. وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ان منصوبي جو اعلان ڪندي چيو ته هي سينٽر پاڪستان جي گهڻ رخي ثقافتي سڃاڻپ ۽ عالمي سياحن لاءِ آجياڻي واري رويي جو ثبوت هوندو. هن چيو ته جيئن سک ياتري پاڪستان ايندا آهن، اسان چاهيون ٿا ته ٻڌمت جا پيروڪار به اسان جي ملڪ اچن ۽ هتي جي مقدس ماڳن جو دورو ڪن. وفاقي وزير ٻڌايو ته هي سينٽر عبادت ۽ مراقبي لاءِ مخصوص ماڳن، ٻڌمت ثقافت بابت معلوماتي مواد ۽ تاريخي پس منظر فراهم ڪندو. هي قدم قومي ثقافتي پاليسي جو حصو آهي جيڪو جلد وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي لانچ ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته هي پاليسي اسان جي ثقافتي سڃاڻپ جي تحفظ، فنڪارن ۽ اديبن کي بااختيار بڻائڻ ۽ پاڪستان جو پرامن ۽ تخليقي چهرو دنيا آڏو آڻڻ جو قومي مشن آهي.اورنگزيب ڪچي ٻڌايو ته ان پاليسي ۾ چئني صوبن جي تجويزن کي شامل ڪيو پيو وڃي ته جيئن ان کي مڪمل طور تي جامع بڻائي سگهجي. اسان دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان مهر ڳڙهه، هڙاپا، موئن جو دڙو ۽ ٽيڪسلا جهڙين هزارين سال پراڻين تهذيبن جو امين آهي. هن چيو ته پاڪستان يونيسڪو کي چار نون ماڳن جي شموليت لاءِ درخواستون ڏنيون آهن، ڇاڪاڻ ته 1998ع کانپوءِ ڪو به نئون ماڳ شامل ناهي ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته شاهه الله دته جي غارن سميت ڪيترن ئي ٻڌمت آثارن کي جديد سهولتن سان عالمي معيار جي سياحتي ماڳن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. ثقافتي سفارتڪاري جي حُوالي سان وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان هن وقت تائين 86 ملڪن سان معاهدا ڪيا آهن ۽ جلد اهو انگ 125 تائين وڌائڻ جومنصوبو آهي. هن اهو به اعلان ڪيو ته هن سال جو لوڪ ميلو 12 پرڏيهي ملڪن جي ثقافتي اسٽالز جي ميزباني ڪندو، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو آهي. وفاقي وزير اهو بها علان ڪيو ته پاڪستان جي پهرين ڊگري ڏيندڙ فنون لطيفه جي درسگاهه هلندڙ سال جي آخر تائين قائم ڪئي ويندي، جڏهن ته لوڪ ورثه فنون جي ڪلاسن جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن ٻڌايو ته نيشنل لائبريري، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز ۽ قومي زبان ترقياتي اداري جي ڊجيٽائيزيشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي آثار قديمه تي دستاويزي فلمون به تيار ڪيون پيون وڃن ته جيئن عالمي سطح تي اسان جي ثقافتي خزاني کي اجاگر ڪري سگهجي. آخر ۾ هن چيو ته ٻڌمت ڪلچرل سينٽر جي قيام ۽ قومي ثقافتي پاليسي لاڳو ڪرڻ سان گڏ پاڪستان ثقافتي سفارتڪاري، ورثي جي تحفظ ۽ پنهنجي مثبت سڃاڻپ کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي.