راولپنڊي -21 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڪيڊٽ ڪاليج پلندري جو دورو ڪيو جتي هن ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن سان خاص ويهڪ ڪئي. ان موقعي تي ڪاليج جي هال ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪ فوج کي وطن عزيز جي دفاع، استحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ ڏنل قربانين تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. آءِ ايس پي …
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پاران ڪيڊٽ ڪاليج پلندري جو دورو

مزید خبریں
راولپنڊي -21 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڪيڊٽ ڪاليج پلندري جو دورو ڪيو جتي هن ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن سان خاص ويهڪ ڪئي. ان موقعي تي ڪاليج جي هال ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪ فوج کي وطن عزيز جي دفاع، استحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ ڏنل قربانين تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب تقريب دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا بهتر جواب ڏنا، جنهن تي شاگردن ۽ استادن سندس ٿورو مڃيندي چيو ته سندس گفتگو اسان کي تمام گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. ڪيڊٽ ڪاليج پلندري جي پرنسپال چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ڳالهه ٻولهه ۽ عزم شاگردن جو حوصلو بلند ڪري ڇڏيو آهي. شرڪت ڪندڙن زور ڀريو ته ذميواري شهري طور سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن جي جاچ ۽ تصديق لازمي آهي ته جيئن دشمن جي پروپئگنڊه مهم جو اثرائتو جواب ڏئي سگهجي.هن ان عزم جو ورجاءُ به ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت ٻيهر ڪنهن قسم جي جارحيت جي ڪوشش ڪئي ته کيس ٻيهر رسوائي جو منهن ڏسڻو پوندو. تقريب ۾ موجود ڪشميري شاگردن ۽ استان ڀرپور جذبي سان چيو ته ڪشميري هئڻ ناتي سندن پختو ايمان آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ پاڪستان ۽ ڪشمير کي ڪا به طاقت جدا نٿي ڪري سگهي. هن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ان فرمان جو ورجاءُ به ڪيو ”ڪشمير پاڪستان جو حصو هو، آهي ۽ رهندو“ شرڪت ڪندڙن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ڳالهين نه رڳو وطن جي دفاع ۾ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ قربانين کي سمجهڻ جو موقعو ڏنو پر قوم جي حب الوطني واري جذبي کي به نئين توانائي بخشي. تقريب جي پڄاڻي تي ڪيڊٽ ڪاليج پلندري جي پهرين شهيد، ميجر رب نواز طارق جي عظيم قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ چيو ته سمورا شهيد اسان جي قوم جو فخر آهن. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو هر قسم جي ڀارتي جارحيت خلاف پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن ۽ وطن جي دفاع لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه گهٻرائيندا.











