سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر جي ميجر انور جي وارثن سان تعزيت

اسلام آباد / ڪوئٽا -21 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر  ڪوئٽا جي تازي دوري دوران شهيد ميجر انور جي گهر وڃي فاتحه خواني ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي هن شهيد جي درجن جي بلندي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون پاڪستان جي تاريخ جو روشن باب آهن، جن تي …

اسلام آباد / ڪوئٽا -21 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر  ڪوئٽا جي تازي دوري دوران شهيد ميجر انور جي گهر وڃي فاتحه خواني ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي هن شهيد جي درجن جي بلندي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون پاڪستان جي تاريخ جو روشن باب آهن، جن تي پوري قوم کي فخر آهي. هن چيو ته اسان جي جانبازن پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏئي نه رڳو ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪئي پر ايندڙ نسلن جو مستقبل به محفوظ بڻايو. شهيدن جون يادون هميشه زنده رهنديون ۽ انهن جي قرباني وارو جذبو قومي رهنمائي جو ذريعو بڻجندو رهندو. پنهنجي دوري  دوران سيدال خان ناصر سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي گهر وڃي سندن ڪٽنبن سان تعزيت ڪئي. هن اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر  سردار فتح محمد حسني جي ڀيڻ جي وفات تي ان سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. ان کان علاوه هن ملڪ امين الدين بازئي، مير زمان خان لهڙي ۽ سردار ملڪ رضا خان خلجي جي گهر ڀاتين سان به ملاقاتون ڪيون ۽ انهن جي عزيزن جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي مغفرت جي دعا ڪئي.  سينيٽ جي وقتي چيئرمين پنهنجي تڪ جي قبائلي اڳواڻن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان به ملاقاتون ڪيون. سيدال خان ناصر ان موقعي تي ان عزم جو اظهار ڪيو ته قومي يڪجهتي، گڏيل احترام ۽ قربانين جي جذبي کي هٿي ڏيندي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم جاري رکيو ويندو.