پاڪستان سڄي دنيا ۾ روشن چنڊ وانگر چمڪي رهيو آهي: راڻا تنوير حسين

شيخوپوره-21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته الله جو خاص فضل ۽ ڪرم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت سندس ٽيم جي اڻٿڪ محنت ۽ ڪامياب پرڏيهي پاليسي جو نتيجو آهي جو اڄ پاڪستان سڄي دنيا ۾ روشن چنڊ تاري وانگر چمڪي رهيو آهي ۽ دنيا جو ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. شيخوپوره ۾ مسلم ليگ (ن) جي …

شيخوپوره-21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته الله جو خاص فضل ۽ ڪرم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت سندس ٽيم جي اڻٿڪ محنت ۽ ڪامياب پرڏيهي پاليسي جو نتيجو آهي جو اڄ پاڪستان سڄي دنيا ۾ روشن چنڊ تاري وانگر چمڪي رهيو آهي ۽ دنيا جو ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. شيخوپوره ۾ مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ سيد سجاد حسين سان گڏ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ايٽمي پاڪستان آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي ڀارت جي رسوائي اسان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت کانپوءِ سڄي دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيو ۽ اڄ الحمد الله پاڪستان سڄي دنيا ۾ رفعتن ۽ بلندين تي ڇهُي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته مودي جي هٺ ڌرمي، ظلم ۽ ڏاڍ جي پاليسي جي ڪري اڄ ڀارت سڄي دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي ۽ اسرائيل کانسواءِ سندس ڪو به دوست ناهي رهيو، هن جو چوڻ هو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ پنهنجي پاڙيسرين سان پرامن خوشگوار دوستاڻي لاڳاپا چاهي ٿو پر جيڪو اسان جي سلامتي ڏينهن ميري اک سان ڏسندو اهو پوءِ آپريشن بنيان المرصوص کي ياد رکي ته ڪهڙي طرح اسان جي بهادر فوج آرمي چيف جنرل عاصم منير جي قيادت ۾ دشمن کي لوهه جا چڻا چٻايا. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان مسلمان امت جي ليڊر طور اڀري رهيو آهي، پاڪستان سعودي عرب دفاعي معاهدي پاڪستان کي اهو اعزاز ڏنو آهي ته هو هاڻي محافظ حرمين الشريفين جو ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي راڻا تنوير حسين شيخوپوره شهر جي سيوريج جي مسئلن جي حل، روڊن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ ميگامنصوبن جو اعلان ڪيو ۽ شهرين جي مطالبي تي شيخوپوره کان لاهور لاءِ ڪي اليڪٽرڪ بسن جي فراهمي جو به اعلان ڪيو.