سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري چين جي دوري دوران شنگهائي کان گونگزو روانو

ڪراچي-21 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چين جي دوري دوران شنگهائي کان گونگزو روانو ٿي ويو. شنگهائي هوائي اڏي تي پاڪستاني قونصل جنرل شهزاد احمد کيس مانائتي انداز ۾ رخصت ڪيو. هتان گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر سنڌ مختلف شهرن ۾ سيڙپڪاري، واپاري سهڪار ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جي ڏس ۾ اهم ملاقاتون ڪري رهيو آهي. ان دوري جو بنيادي مقصد …

ڪراچي-21 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چين جي دوري دوران شنگهائي کان گونگزو روانو ٿي ويو. شنگهائي هوائي اڏي تي پاڪستاني قونصل جنرل شهزاد احمد کيس مانائتي انداز ۾ رخصت ڪيو. هتان گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر سنڌ مختلف شهرن ۾ سيڙپڪاري، واپاري سهڪار ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جي ڏس ۾ اهم ملاقاتون ڪري رهيو آهي. ان دوري جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاڳر ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي صوبي ۾ سيڙپڪاري ڏانهن راغب ڪرڻ آهي.