امن فقط خاموشي جو نالو ناهي پر اهو عدل ،برداشت ۽ برابري جي بنياد تي قائم ٿيندو آهي: سنڌ جي گورنر جو پيغام

ڪراچي-21 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي گورنرڪامران خان ٽيسوري امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته امن فقط خاموشي جو نالو ناهي پر اهو عدل ،برداشت ۽ برابري جي بنياد تي قائم ٿيندو آهي. هن چيو ته دنيا کي نفرت نه پر رواداري ۽ گڏيل احترام جي ضرورت آهي. پاڪستان هميشه عالمي سطح تي امن ،استحڪام ۽ انصاف جي حمايت ڪئي آهي ۽ …

ڪراچي-21 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي گورنرڪامران خان ٽيسوري امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته امن فقط خاموشي جو نالو ناهي پر اهو عدل ،برداشت ۽ برابري جي بنياد تي قائم ٿيندو آهي. هن چيو ته دنيا کي نفرت نه پر رواداري ۽ گڏيل احترام جي ضرورت آهي. پاڪستان هميشه عالمي سطح تي امن ،استحڪام ۽ انصاف جي حمايت ڪئي آهي ۽ عالمي سطح تي ان جو ڪردار امن کي زور وٺائڻ ۾ هاڪاري ۽ متوازن رهيو آهي. گورنر سنڌ چيو ته امن جو عالمي ڏينهن اسان کي انسانيت، هڪجهڙائي ۽ ڀائپي جو سبق ڏئي ٿو. هن قوم تي زور ڀريو ته اها اختلافن کان مٿانهون ٿي امن ۽ اتحان لاءِ ڪم ڪري ته جيئن پرامن ۽ خوشحال معاشرو جوڙي سگهجي.