اسلام آباد -20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مشهور اقتصادي ماهر ۽ اڳوڻي نگران وفاقي وزير ۽ ناڻي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود جي وفات تي افسوس جوا ظهار ڪندي سندس درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي آهي. پرائيم منسٽر هائوس آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڊاڪٽر وقار مسعود جي خاندان سان تعزيت ڪندي چيو ته مرحوم جون پاڪستان حڪومت لاءِ خدمتون ياد رکيون وينديون. هن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران مشهور اقتصادي ماهر ڊاڪٽر وقار مسعود جي وفات تي تعزيت جو اظهار
اسلام آباد -20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مشهور اقتصادي ماهر ۽ اڳوڻي نگران وفاقي وزير ۽ ناڻي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود جي وفات تي افسوس جوا ظهار ڪندي سندس درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي آهي. پرائيم منسٽر هائوس آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڊاڪٽر وقار مسعود جي خاندان سان تعزيت ڪندي چيو ته مرحوم جون پاڪستان حڪومت لاءِ خدمتون ياد رکيون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي.












