تازي ٻوڏ ملڪ ۾ ڪافي تباهي آندي، متاثرن جي آبادڪاري لاءِ آخري وقت تائين انهن سان گڏ آهيون: وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد رضا گيلاني

ملتان -20 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته تازي ٻوڏ ملڪ ۾ تمام گهڻي تباهي آندي، متاثرن جي آبادڪاري لاءِ آخري وقت تائين ٻوڏ متاثرن سان گڏ آهيون. انهن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ متاثرن کي خوراڪ ۽ بنيادي ضرورت جي شين جي ورهاست جي حوالي سان منعقده تقريب ۾ ڪيو. ان موقعي تي ايم اين اي سيد عبدالقادر …

ملتان -20 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته تازي ٻوڏ ملڪ ۾ تمام گهڻي تباهي آندي، متاثرن جي آبادڪاري لاءِ آخري وقت تائين ٻوڏ متاثرن سان گڏ آهيون. انهن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ متاثرن کي خوراڪ ۽ بنيادي ضرورت جي شين جي ورهاست جي حوالي سان منعقده تقريب ۾ ڪيو. ان موقعي تي ايم اين اي سيد عبدالقادر گيلاني، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين ۽ ايم پي اي سيد علي حيدر گيلاني ۽ ايم پي اي ڪامران سميت سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ معزز وڏي تعداد ۾ موجود هئا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هن وقت پوري ملڪ کي ٻوڏ لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ماڻهن جون زمينون، گهر، جانور ۽ ڪاروبار ختم ٿي ويا، مشڪل جي ان وقت ۾ اسان ٻوڏ سٽيلن سان گڏ آهيون. هن جو چوڻ هو ته جن ماڻهن کي جاني يا مالي نقصان ٿيو انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، مان انهن کي خاطري ڪرايان ٿو ته سندن گهرن ڏانهن واپسي تائين سڪون سان نه ويهنداسين.هن  سرندي وارن، واپارين ۽ صنعتڪارن کي به اپيل ڪئي ته متاثرن جي وڌيڪ خدمتن لاءِ اڳيان وڌن. هن چيو ته ايم اين اي سيد عبدالقادر گيلاني ۽ سيد علي قاسم گيلاني روزانو جي بنياد تي متاثرن وٽ سندن مسئلا معلوم ڪرڻ لاءِ ويندا آهن، باقي ذميوار به امداد ۽ بحالي جي حوالي سان ضرور ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي ايم اين اي سيد عبدالقادر گيلاني خطاب ڪندي چيو ته ٻوڏ سبب ٿيل نقصان تي تمام گهڻو افسوس آهي، جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اسان ۽ اسان جي ماڻهن سان ٿيو، اسان پنهنجي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. سيد عبدالقادر گيلاني چيو ته اسان ذاتي طور تي ڪيترن ئي ڏينهن کان ٻوڏ متاثرن جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ روزانو 5 هزار متاثرن کي کاڌو منهنجي تڪ ۾ فراهم ڪيو پيوو ڃي. فارمرز ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي سي اي او غلام مصطفيٰ ٻڌايو ته اهو 1997ع کان ڪم ڪري رهيو آهي، اسان جو ٽارگيٽ 45000 متاثر خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ آهي، ان سلسلي ۾ ايف ڊي او ٻوڏ سٽيلن جي مدد جاري رکندو. تقريب جي آخر ۾ ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ راشن، خوراڪ ۽ بنيادي ضرورت جون شيون ورهايون ويون.