پيٽروليم واري وفاقي وزير جلال پور پير والا جو دورو، ٻوڏ سبب متاثر گئس پائيپ لائين جو جائزو ورتو

جلال پور پير والا/ملتان-20 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جلالپور پيروالا جو دورو ڪيو ۽ تازي ٻوڏ سبب متاثر 36 انچ قطر جي گئس پائيپ لائين جي مرمتي ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو. وفاقي وزير چيو ته عوام جي سهولتن جي فراهمي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري رد عمل لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا مڪمل الرٽ …

جلال پور پير والا/ملتان-20 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جلالپور پيروالا جو دورو ڪيو ۽ تازي ٻوڏ سبب متاثر 36 انچ قطر جي گئس پائيپ لائين جي مرمتي ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو. وفاقي وزير چيو ته عوام جي سهولتن جي فراهمي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري رد عمل لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا مڪمل الرٽ آهن. هن ٻڌايو ته ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي پائيپ لائين کي وقت سر حفاظتي قدمن تحت ڌار ڪيو ويو هو ته جيئن ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان کان بچائي سگهجي. هن چيو ته متبادل پائيپ لائين ذريعي گئس جي فراهمي بنارنڊڪ جاري آهي. وفاقي وزير موقعي تي موجود سوئي ناردرن گئس مينيجمينٽ کي هدايت ڪئي ته گئس جي پهچ واري نظام جي مسلسل نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ٻوڏ واري صورتحال سبب ڪنهن به امڪاني خرابي کي فوري طور تي منهن ڏئي سگهجي. ان موقعي ملتان جي ڪمشنر عامر ڪريم خان وفاقي وزير کي جلالپور پير والا ۾ جاري ٻوڏ رليف اينڊ ريسڪيو آپريشن تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته موٽر وي جي متاثر حصي جي بحالي جو ڪم ڳري مشينري جي مدد سان ڏينهن رات جاري آهي ته جيئن زميني رابطو فوري بحال ڪري سگهجي.