پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تعاون جا معاهدا، چائنه هتي جديد زرعي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائيندو

اسلام آباد- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تعليم، ماحوليات ۽ زراعت جي شعبن ۾ سهڪار جي معاهدن تحت چين پاڪستان ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائيندو. اها اڳڀرائي اسپيشل انويسٽمنٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل(ايس آءِ ايف سي) جي تعاون سان ممڪن ٿي. جديد زرعي ٽيڪنالاجي سان نه رڳو پاڪستان جي زرعي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو پر آبادگارن لاءِ نوان روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. تعليم جي …

اسلام آباد- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تعليم، ماحوليات ۽ زراعت جي شعبن ۾ سهڪار جي معاهدن تحت چين پاڪستان ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائيندو. اها اڳڀرائي اسپيشل انويسٽمنٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل(ايس آءِ ايف سي) جي تعاون سان ممڪن ٿي. جديد زرعي ٽيڪنالاجي سان نه رڳو پاڪستان جي زرعي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو پر آبادگارن لاءِ نوان روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. تعليم جي شعبي ۾ سهڪار ذريعي پاڪستاني شاگردن کي جديد تعليمي سهولتون، تربيتي موقعا ۽ چيني يونيورسٽين ۾ اسڪالر شپ ڏني ويندي جنهن سان نوجوانن جي صلاحيتن ۾ نکار ايندو. ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ سبز ترقياتي مصنوبا به شامل آهن جنهن جي مدد سان پاڪستان ۾ جٽادار  اقتصادي ترقي کي هٿي ۽ ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اختيارين مطابق ايس آءِ ايف سي جي مدد سان اهي منصوبا جلد عملي شڪل اختيار ڪندا ۽ ملڪ ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو، پاڪستان ۽ چين  زراعت، ماحولياتي مصنوبه بندي ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٽن اهم مفاهمتي يادداشتن(ايم اويوز) تي صحيحون ڪيون آهن. اها اڳڀرائي اسپيشل انويسٽمنٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل(ايس آءِ ايف سي) جي تعاون سان ممڪن ٿي.