اسلام آباد- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) فتنه الهندوستان سان وابسته خطرناڪ دهشتگرد گل رحمان عرف استاد مريد افغانستان جي صوبي هلمند ۾ 17 سيپٽمبر 2025ع تي پراسرار طور تي فوت ٿي ويو جنهن جي ذريعن تصديق پڻ ڪئي آهي. ذريعن مطابق گل رحمان نه صرف فتنه الهندوستان جو آپريشنل ڪمانڊر ۽ ٽرينر هو پر هن کي جعفر ايڪپريس حملي جو ماسٽر مائنڊ به قرار ڏنو پيو وڃي. ان کانسواءِ …
فتنه الهندوستان جو بدنام دهشتگرد گل رحمان عرف استاد مريد افغانستان ۾ فوت
اسلام آباد- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) فتنه الهندوستان سان وابسته خطرناڪ دهشتگرد گل رحمان عرف استاد مريد افغانستان جي صوبي هلمند ۾ 17 سيپٽمبر 2025ع تي پراسرار طور تي فوت ٿي ويو جنهن جي ذريعن تصديق پڻ ڪئي آهي. ذريعن مطابق گل رحمان نه صرف فتنه الهندوستان جو آپريشنل ڪمانڊر ۽ ٽرينر هو پر هن کي جعفر ايڪپريس حملي جو ماسٽر مائنڊ به قرار ڏنو پيو وڃي. ان کانسواءِ هو پاڪستان ۾ سيڪيورٽي فورسز، چيني شهرين، اهم ٺڪاڻن ۽ معصوم شهرين تي ڪيترن ئي دهشتگرد حملن ۾ سڌي ريت ملوث هو. ذريعن مطابق گل رحمان جي نگراني ۾ ٿيندڙ وڏين ڪارروائين ۾ جعفر ايڪسپريس بم ڌماڪو، ڪراچي ۾ چيني قونصليت تي حملو، گوادر جي پي سي هوٽل تي حملو، خضدار ۾ اسڪول بس ڌماڪو، ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ڪراچي ۾ آپگهاتي حملو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ۽ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن ۾ بم ڌماڪو شامل آهن. ذريعن ٻڌايو ته فتنه الهندوستان جي مجيد بريگيڊ جيڪو ان دهشتگرد تنظيم جي عسڪري ونگ آهي، کي آمريڪا عالمي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي چڪي آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ چين هن کي گڏيل قومن جي دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو باضابطه مطالبو به ڪيو آهي. تحقيقات مطابق گل رحمان افغانستان ۾ روپوش هو ۽ جتان کان پاڪستان ۾ دهشتگرداڻي نيٽ ورڪ کي ڪنٽرول ڪري رهيو هو، سندس موت نه صرف دهشتگرد نيٽ ورڪ لاءِ وڏو ڌچڪو آهي پر ان ڳالهه جي به واضح نشاندهي ڪري ٿي ته افغان ڌرتي لاڳيتو پاڪستان خلاف دهشتگرداڻين سرگرمين لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. پاڪستاني اختيارين هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو فتنه الهندوستان جهڙي نيٽ ورڪس ۽ ان جي سهولتڪارن خلاف ٺوس قدم کڻي ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام ممڪن بڻائي سگهجي.












