سنڌ جي وڏي وزير پاران پاڪ سعودي عرب دفاعي معاهدي تي واڌايون

ڪراچي-20 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب کي نئين دفاعي معاهدي تي واڌايون ڏنيون آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڀريو۔ هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ ۽ ڀائرن وارا آھن۔ سعودي عرب جي سلامتي کي پاڪستان پنهنجي سلامتي سمجهي ٿو۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته مسلم …

ڪراچي-20 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب کي نئين دفاعي معاهدي تي واڌايون ڏنيون آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڀريو۔ هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ ۽ ڀائرن وارا آھن۔ سعودي عرب جي سلامتي کي پاڪستان پنهنجي سلامتي سمجهي ٿو۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته مسلم ملڪن جي وچ ۾ اتحاد لاءِ ڪوششون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان وٺي جاري آهن جيڪي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تائين تسلسل سان اڳتي وڌنديون پيون اچن۔ سيد مراد علي شاهه پاڪ–سعودي لاڳاپن جي مضبوطيءَ کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي لاڳاپا صرف دفاعي شعبي تائين محدود ناهن پر معيشت ۽ ثقافت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ هميشه مضبوط رهيا آهن۔ وڏي وزير مراد علي شاهه جي بيان ۾ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته قائم رهندڙ اتحاد ۽ جمهوريت عوامي حقن لاءِ ڏنل تاريخي قربانيون پاڪستان جي سياسي ۽ قومي تاريخ جو اهم حصو آهن.

مزید خبریں