ملتان - 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ملتان جي تعلقي شجاع آباد جو دورو ڪيو. وقتي صدر شجاع آباد جي علائقي رڪن هٽي ۾ قائم ٻوڏ متاثرين جي ڪئمپ ويو، ٻوڏ متاثرين کان انهن جا مسئلا ۽ فراهم ڪيل سهولتن بابت معلومات ڪيو. هن متاثرين جي لاءِ لڳايل ميڊيڪل ڪئمپ جو پڻ دورو ڪيو ۽ دوائن جي ڪوالٽي ۽ معيار کي چيڪ ڪيو. ان …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران شجاع آباد جو دورو
ملتان – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ملتان جي تعلقي شجاع آباد جو دورو ڪيو. وقتي صدر شجاع آباد جي علائقي رڪن هٽي ۾ قائم ٻوڏ متاثرين جي ڪئمپ ويو، ٻوڏ متاثرين کان انهن جا مسئلا ۽ فراهم ڪيل سهولتن بابت معلومات ڪيو. هن متاثرين جي لاءِ لڳايل ميڊيڪل ڪئمپ جو پڻ دورو ڪيو ۽ دوائن جي ڪوالٽي ۽ معيار کي چيڪ ڪيو. ان موقعي تي سيد يوسف رضا گيلاني لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته متاثرين جي علاج ۽ کاڌي پيتي جي شين ۾ گهٽتائي نه ٿئي. قومي اسيمبلي ميمبر سيد عبدالقادر گيلاني، وفاقي وزير ۽ ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين راڻا قاسم نون، صوبائي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر جاويد انصاري، پاڪستان سوئيٽ هوم جو سربراهه زمرد خان، محمد نعيم خان، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن سميت علائقي جي نمائندن ۽ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جو وڏو انگ پڻ ساڻس گڏ هو. ان موقعي تي شجاع آباد جي اي سي سيده حميره شاهه متاثرين جي بحالي ۽ نقصانن جي حوالي سان صدر کي بريفنگ ڏني. بريفنگ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته تازي ٻوڏ سمورن علائقن خاص طور تي ڏکڻ پنجاب کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، ان سلسلي ۾ سمورا ادارا متحرڪ آهن، ڪئمپن ۾ طبي سهولتن سميت کاڌو پيتو ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سندس چوڻ هو ته متاثرين جي بحالي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو ۽ نقصانن جو ازالو ڪيو ويندو، ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي وڌيڪ آهي، متاثرين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. بعد ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم پاران متاثرين ۾ کاڌو ورهايو ويو. وقتي صدر ٻوڏ متاثرين سان گهلي ملي ويو ۽ انهن سان گڏجي ويهي ماني کاڌي. ان موقعي تي ڪئمپ ۾ رهندڙ متاثرين سيد يوسف رضا گيلاني جي اچڻ تي سندس ٿورا مڃيا ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.












