سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي شنگهائي ميونسپل گورنمينٽ جي سيڪريٽري جنرل سان اهم ملاقات

ڪراچي-19 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري شنگهائي ميونسپل گورنمينٽ جي سيڪريٽري جنرل سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي سهڪار، سسٽر سٽي معاهدي جي فعاليت ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري کي زور وٺائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب ملاقات ۾ شنگهائي ميونسپل فارين افيئرز آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل سوڌو ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون. ٻنهي …

ڪراچي-19 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري شنگهائي ميونسپل گورنمينٽ جي سيڪريٽري جنرل سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي سهڪار، سسٽر سٽي معاهدي جي فعاليت ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري کي زور وٺائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب ملاقات ۾ شنگهائي ميونسپل فارين افيئرز آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل سوڌو ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون. ٻنهي ڌرين ڪراچي-شنگهائي سسٽر سٽِي معاهدي کي اثرائتو ۽ فعال بنائڻ تي اتفاق ڪيو. سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته ”اسين ڪراچي کي شنگهائي جي طرز تي هڪ جديد، منظم ۽ ترقي يافته شهر بنائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروباري ادارن، سرڪلر ريلوي، بينڪاري، اسپيشل انڊسٽريل زونز ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن، جتي چيني سيڙپڪار اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 جو انڊيڪس هن وقت پنهنجي بلند ترين سطح تي آهي، جيڪو چيني سيڙپڪارن لاءِ هڪ سونهري موقعو فراهم ڪري ٿو. گورنر  چين سان واپار ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. ان موقعي تي شنگهائي حڪومت ڪراچي جي ترقي ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻنهي شهرن وچ ۾ گڏيل ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ ۽ نون شعبن ۾ سهڪار جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.