زيبسٽ ۽ آءِ بي اي سکر يونيورسٽي وچ ۾ پي آءِ ٽي پي فيزٽو تحت ايم او يو  تي صحيحون

لاڙڪاڻو-19 سيپٽمبر (اي پي پي) زيبسٽ ۽ آءِ بي اي سکر يونيورسٽي وچ ۾  پي آءِ ٽي پي  فيز  II تحت ايم او يو  تي صحيحون ٿيون. تفصيل موجب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (زيبسٽ) يونيورسٽي ۽ آءِ بي اي سکر يونيورسٽي وچ ۾ پيپل انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام (پي آءِ ٽي پي)  فيز II تحت مفاهمت نامي (ايم او يو) جي تجديد ڪرڻ جي تقريب زيبسٽ جي …

لاڙڪاڻو-19 سيپٽمبر (اي پي پي) زيبسٽ ۽ آءِ بي اي سکر يونيورسٽي وچ ۾  پي آءِ ٽي پي  فيز  II تحت ايم او يو  تي صحيحون ٿيون. تفصيل موجب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (زيبسٽ) يونيورسٽي ۽ آءِ بي اي سکر يونيورسٽي وچ ۾ پيپل انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام (پي آءِ ٽي پي)  فيز II تحت مفاهمت نامي (ايم او يو) جي تجديد ڪرڻ جي تقريب زيبسٽ جي بورڊ روم ۾ منعقد ڪئي وئي. هي معاهدو خاص طور تي لاڙڪاڻو جي شاگردن لاءِ سکيا جا نوان دروازا کوليندو ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ انهن جي صلاحيتن کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪندو. هن معاهدي جو بنيادي مقصد سنڌ جي نوجوانن کي تسليم ٿيل آئي ٽي سرٽيفڪيشنز ذريعي عالمي سطح جي مهارتن سان ليس ڪرڻ، ڊجيٽل خواندگي کي وڌائڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ آهي. جديد آئي ٽي ٽريننگ جي ذريعي شاگردن کي نه رڳو مقامي پر عالمي مارڪيٽ ۾ به مقابلي جوڳو بڻائڻ لاءِ مڪمل سهڪار ڏنو ويندو .ايم او يو تحت پيش ڪيل پروگرام ۾ مختلف عالمي اهميت رکندڙ آئي ٽي ڪورسز شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ جاوا ۽ پائيٿن ڊولپر، ڊيٽابيس ايڊمنسٽريشن، گرافڪ ڊزائن ۽ يوآءِ/يوايڪس، ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ ايس ئي او،  ويب ۽ موبائيل ايپليڪيشن ڊولپمينٽ،  ڊيٽا سائنس، سائبر سيڪيورٽي ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، سوشل ميڊيا مينيجمينٽ آهن، انهن ڪورسز جو مقصد آهي ته شاگردن کي مستقبل جي روزگار جي ضرورتن سان هڪجهڙائي رکندڙ مهارتون ڏنيون وڃن ۽ انهن کي عالمي آئي ٽي انڊسٽري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي .ايم او يو تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب ۾ ٻنهي ادارن جي اڳواڻن، فئڪلٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. زيبسٽ ۽ آءِ بي اي پيپل انفارميشن ٽيڪنالاجي فيز I I سکر يونيورسٽي جي وچ ۾ ٿيل هي تعاون سنڌ جي شاگردن لاءِ هڪ سنهري موقعو آهي جيڪو نه رڳو تعليم ۽ تربيت جا نوان دروازا کوليندو پر سنڌ جي نوجوانن کي عالمي سطح تي پنهنجو مقام ٺاهڻ لاءِ به مضبوط بنياد فراهم ڪندو.