سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پاران ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو سيڪشن آفيسر معطل

ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) اختيارن کان مٿانھون قدم کڻي کاتي جي سيڪريٽري بدران آڊٽ ورڪنگ پيپرن تي صحيح ڪندڙ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪشن آفيسر (جنرل ايڊمنسٽريشن) کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته هو پي اي سي لاءِ کاتي جي ڪنهن به 19 هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي فوڪل …

ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) اختيارن کان مٿانھون قدم کڻي کاتي جي سيڪريٽري بدران آڊٽ ورڪنگ پيپرن تي صحيح ڪندڙ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪشن آفيسر (جنرل ايڊمنسٽريشن) کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته هو پي اي سي لاءِ کاتي جي ڪنهن به 19 هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي فوڪل پرسن طور نامزد ڪري. خميس ڏينهن پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي ورڪس سروسز سان لاڳاپيل سال 2024-2025ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ورڪس جي آفيسرن طرفان مڪمل آڊٽ پيرائن بابت رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو ۽ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي وئي. اجلاس ۾ آڊٽ جي ورڪنگ پيپرز تي کاتي جي پرنسپل اڪائونٽ آفيسر (سيڪريٽري )جي صحيح بدران کاتي جي سيڪشن آفيسر جنرل ۽ ڊي ڊي او جي صحيح هجڻ تي پي اي سي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڪميٽي جي ميمبر قاسم سراج سومري پڇاڻو ڪيو ته آڊٽ جي ورڪنگ پيپرن تي سيڪريٽري بدران سيڪشن آفيسر صحيح ڇو ڪئي آهي. آڊٽ ورڪنگ پيپرن تي صحيح ڪرڻ جو مجاز کاتي جو سيڪريٽري آهي، سيڪشن آفيسر يا ڊي ڊي او نه آهي. چيئرمين پي اي سي نثار کهڙي چيو ته کاتي جي سيڪريٽري بدران سيڪشن آفيسر آڊٽ جي ڪاغذن تي صحيح ڪري اختيارن کان مٿانھون قدم کنيو آھي .ان موقعي تي پي اي سي پاران کاتي جي سيڪريٽري بدران آڊٽ ورڪنگ پيپرن تي صحيح ڪندڙ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪشن آفيسر جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڊي ڊي او غلام مصطفيٰ کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ کاتي جي سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ويو ته پي اي سي لاءِ ڪنهن به 19 هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي فوڪل پرسن طور نامزد ڪيو وڃي.اجلاس ۾ ڪميٽي جو ميمبر قاسم سراج سومرو، ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري شهاب قمر انصاري، چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا.