سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي چين جي مشھور يوٽونگ بس ڪمپني جي اختيارين سان ملاقات

ڪراچي-17 سيپٽمبر (اي پي پي ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چين جي شھر شنگھائي ۾ چين جي مشھور يوٽونگ بس ڪمپني جي اختيارين سان ملاقات ڪئي. سنڌ جي اطلاعات کاتي جي پڌرائي موجب ملاقات دوران سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ …

ڪراچي-17 سيپٽمبر (اي پي پي ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چين جي شھر شنگھائي ۾ چين جي مشھور يوٽونگ بس ڪمپني جي اختيارين سان ملاقات ڪئي. سنڌ جي اطلاعات کاتي جي پڌرائي موجب ملاقات دوران سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ٽرانسپورٽ ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ سھڪار کي ھٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات جي موقعي تي يوٽونگ اختيارين سنڌ جي وزيرن کي پنھنجي نئين ۽ جديد ماڊل بسن جي باري ۾ بريفنگ ڏني ۽ پاڪستان، خاص طور تي سنڌ اندر پنھنجون بسون متعارف ڪرائڻ ۾ دلچسپي جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار شھرين کي معياري ۽ محفوظ ٽرانسپورٽ مھيا ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون غير ملڪي سيڙپڪارن لاءِ تمام وڏو موقعو آھي، جتي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري ڪرڻ تي 10ورھين جي ٽيڪس ڇوٽ ڏني پئي وڃي ۽ گڏوگڏ سنڌ سرڪار ان زون ۾ عالمي سيڙپڪارن کي سموريون سھولتون فراھم ڪري رھي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ وڏي پيماني تي سڌارن جي ضرورت آھي ۽ ڪراچي سميت صوبي جي ٻين شھرن ۾ عوام کي معياري بس سروس فراھم ڪرڻ سنڌ سرڪار جي پھرين اوليت آھي. سندس چوڻ ھو ته سنڌ سرڪار چاھي ٿي ته يوٽونگ جھڙيون عالمي ڪمپنيون پاڪستان اچي جديد بسون تيار ڪن ته جيئن مقامي مارڪيٽ جي ضرورتن جو پورائو ٿي سگھي. ان موقعي تي توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته سنڌ سرڪار ماحول دوست ۽ توانائي جي متبادل ذريعن تي ٻڌل ٽرانسپورٽ متعارف ڪرائڻ جي خواھش رکي ٿي. ھن چيو ته يوٽونگ جون بسون ماحول دوست خاصيتن ۽ توانائي جي متبادل ذريعي جي حوالي سان بھترين آپشن ثابت ٿي سگھن ٿيون. ھن چيو ته سنڌ سرڪار شفاف سيڙپڪاري لاءِ ھر ممڪن سھڪار ڪندي ۽ عوام کي بھترين سھولتن جي فراھمي سان گڏ سيڙپڪارن کي جٽادار ڪاروباري ماحول فراھم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اوليت آھي.